اسلام آباد – پهر??ن سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽ?? عارف علوي آئين جي آرٽيڪل 89 تحت اليڪشن (ٽئين ترميم) آرڊيننس 2021ع تي صحيحون ڪري ڇڏيون. آرڊيننس جي مدد سان اليڪشن ايڪٽ 2017ع ج?? سيڪشن 72 ۾ ترميم ڪئ?? وئي آهي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب آرڊيننس تحت چونڊيل ميمبرن کي اجلاس جي پهرين ويهڪ جي 60 ڏينهن جي اندر حلف کڻڻو پندو، ميمبرن کي آرڊيننس لاڳو ٿيڻ جي 40 ڏينهن جي اندر حلف کڻڻو پوندو. آرڊيننس ۾ چيو ويو آهي ته سينيٽ، اسيمبلي يا مقامي حڪومت جي لاءِ چونڊيل ميمبرن جي سيٽ وقت تي حلف نه کڻڻ جي صورت ۾ خالي ٿي ويندي.