اسلام آباد – 15 – سيپٽمبر (اي پ?? پي) وزيراعظم عمران خان تاجڪستان جي صدر امام علي رحمانوف جي دعوت تي 16 کان 17 سيپٽمبر تي تاجڪستان جو ٻن ڏينهن جو سرڪاري دورو ڪندو. هڪ اعليٰ سطحي وزارتي ??فد به وزيراعظم عمران خان سان گڏ هوندو، وزيراعظم جو وچ ايشيا جو اهو ٽيون دورو هوندو، جنهن سان خطي جي ملڪن سان گڏ پاڪستان جي وڌندڙ لاڳاپن جي عڪاسي ٿئي ٿي، وزيراعظم عمران خان دوشنبي ۾ شنگه??ئي ??عا??ن تنظيم (ايس سي او) جي 20 هين سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو، ان کان اڳ هن 13 ۽ 14 جون 2019ع تي ڪرغز جمهوريه جي گادي واري شهر بشڪيڪ ۾ ٿيندڙ ايس سي او جي سربراهي اجلاس ۽ 10 نومبر 2020ع تي ??ڊيو ڪانفرنس جي ذريعي روس جي ميزباني ۾ سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي هئي. شنگه??ئي ??عا??ن تنظيم هڪ 8 رڪني مستقل عالمي علائق??ئي تنظيم آهي جنهن کي 15 جون 2001ع تي شنگه??ئي ۾ قائم ڪيو ويو هو، پاڪستان 2005ع ۾ ايس سي او هو مبصر ۽ جون 2017ع ۾ آستانه سربراهه اجلاس ۾ تنظيم جو مڪمل ميمبر بڻيو. روس، چين، ڀارت ازبڪستان، ڪازڪستان، جمهوريه ڪرغز ۽ تاجڪستان ايس سي او جا ٻيا ميمبر ملڪ آهن، شنگه??ئي ??عا??ن تنظيم ۾ ايران، مينگوليا، بيلاروس ۽ افعانستان مبصر جڏهن ته آذربائيجان، آرمينيا، ڪمبوڊيا، نيپال، ترڪي ۽ سريلنڪا ڊائيلاگ پارٽنر جي حيثيت سان شامل آهن، وزيراعظم شنگه??ئي ??عا??ن تنظيم جي اجلاس جي موقعي تي ??ين شريڪ ميمبرن سان ٻه طرفي ملاقاتون به ڪندو، ايس سي او سربراهه اجلاس ۾ شرڪت کانپوءِ وزيراعظم تاجڪ صدر سان ملاقات ڪندو. ٻنهي اڳواڻن جي ڳالهه ٻولهه ٻه طرفي لاڳاپن جي سڀني رخن جو احاطو ڪندي جنهن ۾ علائق??ئي رابطن تي خصوصي ڌيان سميت واپاري، اقتصادي ۽ سيڙپڪاري لاڳاپن کي وڌائڻ شامل آهي، ٻئي ملڪ ان کان اسٽريٽجڪ حصيداري ۾ داخل ٿيڻ جي مضبوط عزم جو اظهار ڪري چڪا آهن. وزيراعظم عمران خان پاڪستان، تاجڪستان بزنس فورم جي پ??رين اجلاس جو افتتاح به ڪندو. جنهن جي لاءِ پاڪستاني واپارين جو هڪ گروپ دوشنبي جو دورو ڪندو، جوائنٽ بزنس فورم وڌندڙ واپاري ۽ سيڙپڪاري جي لاڳاپن کي متحرڪ ڪندو ۽ ٻنهي ??اسن کان واپاري برادري جي وچ ۾ ڪاروباري رابطن کي فروغ ڏيندو. ان موقعي تي ??اڪستان، تاجڪستان گڏيل بزنس ڪائونسل جو اجلاس به ٿيندو، پاڪستان ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ گڏيل عقيدي، تاريخ ۽ ثقافت جي رشتن تي ??ڌل ويجها ڀائراڻا لاڳاپا آهن، ٻئي ملڪ خطي ۾ معاشي ترقي، امن ۽ سلامي ۽ استحڪام کي فروغ ڏيڻ لاءِ گڏيل خيال ۽ هڪجهڙي خواهش رکندا آهن، وزيراعظم عمران خان جو اهو دورو وچ ايشيا سميت ”ويزن سينٽرل ايشيا“ پاليسي تحت پاڪستان جي گهري لاڳاپن جو حصو آهي جنهن ۾ سياسي لاڳاپا، واپار ۽ سيڙپڪاري، توان??ئي ۽ رابطن کانسواءِ سيڪيورٽي ۽ دفاع جي 5 اهم شعبن تي ڌيان ڏنو ويو آهي.