لاهور – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته پنجاب ۾ انتظامي ڍانچي کي وڌيڪ موثر ۽ عوام کي کاڌي پيتي جي شين جي گهٽ قيمت تي فراهمي يقيني بڻ??ئي وڃي، ٿاڻن تائين عوام جي پُهچ ۽ انهن جي شڪايتن جي فوري ازالي لاءِ جامع طريقيڪار جوڙيو وڃي، پوليس سياسي وابستگي کان مٿانهون ٿي ڪ??ي عوام جي خدمت ۽ انصاف جي فراهمي کي يقيني بڻ??ئي. هن اها ڳالهه هتي انتظامي ڍانچي جي بهتري جي حوالي سان کنيل قدمن جو جائزو وٺڻ بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي. اجلاس ۾ پنجاب جو وڏو وزير سردار عثمان بوزدار، پنجاب جي چيف سيڪريٽري ڪامران علي افضل ۽ آءِ جي پنجاب سردار علي خان شرڪت ڪئي. پنجاب جي چيف سيڪريٽري ڪامران علي افضل وزيراعظم عمران خان کي بريفنگ ڏني. بريفنگ دوران وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته پنجاب جي انتظامي فيصلن ۾ شفافيت ۽ ميرٽ کي نظر ۾ رکيو ويندو، ??هانگائي تي ضابطو آڻڻ ۽ سهرين کي بنيادي کاڌي پيتي جي شين جي مناسب قيمت تي فراهمي کي يقيني بڻ??ئڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. ان کانسواءِ پنجاب ۾ جاري ترقياتي منصوبن جي جلد تڪميل اولين ترجيح آهي، پنجاب ۾ ڪرپشن ۽ بدعنواني کي هر گز برداشت نه ڪيو ويندو، ??زيراعظم عمران خان کي آءِ جي پنجاب سردار علي خان سڄي صوبي ۾ پوليس جي اصلاحي ترجيحن تي بريفنگ ڏني. پنجاب پوليس عوام جي بنيادي مسئ??ن ۽ شڪايتن کي فوري طور تي حل ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، ان موقعي تي وزيراعظم هدايت ڏيندي چيو ته پنجاب ۾ انتظامي ڍانچي کي عوام جي سهولت لاءِ وڌيڪ موثر بڻ??يو وڃي ان کانسواءِ عوام کي کاڌي پيتي جي شين جي فراهمي گهٽ قيمت تي يقيني بڻ??ئي وڃي، وزيراعظم عمران خان خاص هدايت ڪئي ته عوام جي پوليس اسٽيشن تائين پهچ ۽ ان جي شڪايتن جي فوري داد رسي لاءِ موثر ميڪنزم جوڙيو وڃي. وزيراعظم عمران خان خصوصي طور تي زور ڏنو ته پوليس ڪنهن به قسم جي سياسي وابستگي کان مٿانهون ٿي ڪ??ي عوام جي خدمت ۽ انصاف جي فراهمي کي يقيني بڻ??ئڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي.