اسلام آباد – 20 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ۽ مارڪيٽ جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ يونيورسٽين جي ذريعي اعليٰ معيار جي گريجوئيٽس ۽ ان??هائي هنر مند ورڪ فورس تيار ڪرڻ جي ضرورت تي ??ور ڏيندي چيو آهي ته يونيورسٽ??ن کي انفارميشن اينڊ ڪميونيڪيشن ٽيڪنالاجي (آءِ سي ٽي) تي ڌيان ڏيندي پنهنجي ڪوششن کي تيز ڪرڻ گهرجي ته جيئن چوٿي صنعتي ??نقلاب جي ثمرن مان فائدو کڻي سگهجي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ غلام اسحاق خان ان??ٽيٽيوٽ (GIKI) آف ان??نيئرنگ سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي بابت بريفنگ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. ريڪٽر غلام اسحاق خان ان??ٽيٽيوٽ پروفيسر ڊاڪٽر فضل احمد خالد بريفنگ ڏني. صدر سوسائٽي فار پروموشن آف ان??نيئرنگ سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي فريد رحمان، ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر ش??يل دراني ۽ حڪومت جي اعليٰ عملدارن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ريڪٽر غلام اسحاق خان ان??ٽيٽيوٽ صدر کي ان??نيئرنگ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ تعليم جي فراهمي ۾ ان??ٽيٽيوٽ جي ڪردار ۽ ڪامياب??ن کان آگاهه ڪيو. هن ٻڌايو ته هن وقت 2366 شاگرد مختلف ڊگري پروگرامن ۾ تعليم پرائي رهيا آهن ۽ هن وقت تائين 6852 شاگرد يونيورسٽي مان پاس ٿي چڪا آهن، هن ان ڳالهه تي ??وشني وڌي ته ان??ٽيٽيوٽ جي 75 سيڪڙو فيڪلٽي اعليٰ درجي جي قومي ۽ عالمي يونيورسٽين جي پي ايڇ ڊي ڊگري هولڊرز تي مشتمل آهي، هن وڌيڪ چيو ته غلام اسحاق خان ان??ٽيٽيوٽ 2021ع ۾ 290 ملين روپ??ن کان وڌيڪ رقم مختص ڪئي هئي ته جيئن مستحق شاگردن کي وظيفا ۽ مالي امداد فراهم ڪري سگهجي. اجلاس کي خطاب ڪندي صدر يونيورسٽي جي ان??ظاميه کي چيو ته صنعتي ??ابطا ۽ عالمي يونيورسٽين سان تعاون ??ي فروغ ڏنو وڃي ته جئين انهن جي مهارت مان فائدو کڻي سگهجي. هن چيو ته يونيورسٽي کي پنهنجي عالمي مشاورتي ??ورڊ کي مضبوط بڻائڻ کانسواءِ آن لائين تعليمي جزو جي ماپي کي وڌائڻ جي ضرورت آهي، صدر يونيورسٽي کي چيو ته هو خصوصي شاگردن جي باري ۾ ايڇ اي سي جي پاليسي تي ??ملدرآمد يقيني بڻائي جيڪا کين ٽيوشن فيس هاسٽل فيس ۽ يوٽيلٽي فيس جي مڪمل ڇوٽ کانسواءِ يونيورسٽي ۾ خصوصي ماڻهن ۽ عورتن کي ملازمت ڏيڻ جا موقعا فراهم ڪندي آهي. هن يونيورسٽي تي ??ور ڏنو ته هو پنهنجي ويزن کي اپ ڊيٽ ڪري ۽ پنهنجي هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ٽائيم لائين طئي ڪري. هن چيو ته يونيورسٽ??ن کي مصنوعتي ??هانت تي ڌيان ڏئي سائبر سيڪيورٽي جي شعبي ۾ مهارت جي فروغ جي ذريعي ملڪ جي ضرورتن کي ترجيح ڏيڻ جي ضرورت آهي.