اسلام آباد – 26 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي سان ”دعو?? اسلامي“ جي 8 رڪني وفد پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. وفد ۾ حاجي يوسف سليم، احتشام عطاري، سليم بلال، محمد عمران، آصف پولاني، اختر اسماعيل ۽ يوسف سليم شامل هئا. دعو?? اسلامي جي وفد پرڏيهي وزير کي آگاهه ڪيو ته ”دعو?? اسلامي“ هڪ غير سياسي تنظيم آهي جيڪا سڄي دنيا ۾ دعوت ۽ تبليغ سان گڏوگڏ فلاحي ڪمن ۾ وڌي چڙهي حصو وٺندي آهي، دارالمدينه اسڪول سسٽم دنيا جي ڪيترن ئي مل??ن ۾ تعليم ۽ تربيت جو ڪم سرانجام ڏئي رهيو آهي. حاجي سليم عطاري پرڏيهي وزير کي ٻڌايو ته ٻوڏ، قدرتي آفتن خاص طور تي ڪورونا وائرس جي وبا دوران دعو?? اسلامي متاثرين جي دل کولي مدد ڪئي. هنن پرڏيهي وزير کي آگاهه ڪيو ته دعو?? اسلامي ”??يل??سيميا فري پاڪستان“ جي فلاحي منصوبي تي ڪم ڪري رهي آهي ۽ هن وقت تائين ??يل??سيميا جي مريضن کي رت جا 42 هزار بيگ عطيا ڪري چڪي آهي، پرڏيهي وزير دعو?? اسلامي جي فلاحي سرگرمين کي ساراهيندي چيو ته اسلام، ڀائيچاري، محبت ۽ اخوت جو درس ڏي ٿو. هن چيو ته افغانستان هن وقت شديد معاشي بحرا?? مان گذري رهيو آهي، حڪومت پاڪستان جهازن جي ذريعي ۽ زميني رستي سان انساني امداد ۽ دوائون افغانستان موڪلي، شاهه محمود قريشي چيو ته افغانستان 38 ملين آبادي جو مل?? آهي، گذريل ٻن سالن کان اتي ڏڪار جهڙي صورتحال آهي، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته انساني همدردي جي بنياد تي افغان شهرين جي فوري امداد کي يقيني بڻايو وڃي. پرڏيهي وزير چيو ته اسان افغان شهرين جي انساني بنيادن تي مدد لاءِ عالمي برادري سان م??لسل رابطي ۾ آهيون. اسان کي اميد آهي ته عالمي برادري، ماضي جي غلطي?? مان سبق حاصل ڪندي افغانستان کي اڪيلو نه ڇڏيندي. وفد پرڏيهي وزير کي مرڪز فيضان م??ينه ڪراچي دوري جي دعوت ڏني جنهن کي هن ٿوري سان گڏ قبول ڪري ورتي.