اسلام آباد – 06 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته مو??انا فضل الرحمان بي وقت جو راڳ آلاپي رهيو آهي ۽ ٻڌڻ وارو ڪير نه آهي، مارچ ۽ احتجاج ڪرڻ اپوزيشن جو حق آهي پر مو??انا فضل الرحمان جي ڪوشش آهي ته موجوده سسٽم ختم ٿئي ۽ ان جي جڳهه ٻيهر ٺهي، مو??انا حوصلو رکي ۽ پنهنجي آسپاس ڏسي، ان سان گڏ ڪير نه آهي هو اڪيلو بيٺل آهي، 23 مارچ به اچي ويندو، مو??انا فضل الرحمان اڳ ?? به ڪيترائي ڀيرا تاريخون ۽ حڪمت عملي ??دل??ئي چڪو آهي. مو??انا فضل الرحمان جي پريس ڪانفرنس تي ردعمل جو اظهار ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پي ڊي ايم 23 مارچ تي اسلام آباد طرف مارچ ڪرڻ جو اشارو ڏنو آهي، مو??انا فضل الرحمان اڳ ?? به ڪيترائي ڀيرا تاريخون ۽ حڪمت عملي ??دل??ئي چڪو آهي، اها تاريخ به حتمي نه هوندي. هن چيو ته مارچ ۽ اهتجاج ڪرڻ اپوزيشن جو حق آهي، وزيراعظم عمران خان جو به چوڻ آهي ته اپوزيشن جو ڪم تنقيد ڪرڻ آهي. هن چيو ته مو??انا فضل الرحمان جي ڪوشش رهي آهي ته هي سسٽم ختم ٿئي جيئن ته هو هن سسٽم جو حصو نه آهي، نواز شريف ۽ مر??م نواز ان لاءِ مو??انا فضل الرحمان سان گڏ نظر ??چن ٿا ڇو ته اهي سسٽم جو حصو نه آهن. هن چيو ته جيڪي ماڻهو سسٽم ۾ آهن اهي اهڙي حڪمت عملي کي سپورٽ نه ٿا ڪن، اڄ جي اجلاس ۾ به پارليامينٽ جي اندر موجود پارٽين ۽ شخصيتن جو مو??ف پارليامينٽ کان ٻاهر رهندڙن کان مختلف هو، مو??انا فضل الرحمان جون ڳالهيون ٽائين ٽائين فش هونديون، پي ڊي ايم پنهنجي طبعي عمر پوري ڪري چڪي آهي. هن چيو ته پنجاب ۾ مقامي حڪومتن جون چونڊون ٿيڻ واريون آهن، خيبرپختونخواهه ۾ 19 ڊسمبر تي بلدياتي چونڊون ٿي رهيون آهن، ان کانپوءِ ايندڙ سال اسان پنهنجي آخري بجيٽ پيش ڪنداسين ۽ ان کانپوءِ ملڪ ۾ عام چونڊون ٿيڻيون آهن. چوڌري فواد حسين چيو ته بي وقت جو راڳ مو??انا فضل الرحمان اڪيلي ڳائي رهيو آهي ۽ ٻڌڻ وارو ڪير نه آهي، مو??انا فضل الرحمان حوصلو رکي ۽ پنهنجي آسپاس ڏسي، توهان سان گڏ ڪير به نه آهي، توهان اڪيلا بيٺل آهيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اميد آهي پي ڊي ايم ۾ شامل پارٽيون مو??انا فضل الرحمان جي سيالڪوٽ سانحي جي حوالي سان غيرذميواراڻي بيان تي کانئس پڇاڻو ڪنديون، مو??انا فضل الرحمان غيرذميواري جو ثبوت ڏيندي ان افسوسناڪ واقعي کي تحفظ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته 23 مارچ پاڪستان جي قوم جي لاءِ اهم ڏينهن آهي، اهو قومن کي هڪ ٻئي کان جدا ڪرڻ جو ڏينهن نه آهي، قومن کي ڳنڍڻ جو ڏينهن آهي، 23 مارچ جو ڏينهن به اچي ويندو، توهان به هتي آهيو، اسان به هتي آهيون، ڏسي وٺنداسين.