پشاور- 16 ڊسمبر (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي وڏي وزير محمود خان چيو آهي ته 16 ڊسمبر جو ڏينهن اسان کي ان الميي جي ياد ڏياري ٿو جڏه?? انسانيت جي دشمنن معصوم شاگردن کي بيدرديءَ سان قتل ڪيو. اي پي ايس جي شهيدن جو غم اڄ به اسان جي دلين ۾ زن??هه آهي ۽ هميشه زن??هه رهندو. آرمي ??بلڪ اسڪول پشاور جي شاگردن ۽ استادن جي شهادت هميشه ياد رهندي. اهڙو اظهار هن اي پي ايس جي 7 ورسيءَ جي موقعي تي جاري بيان ۾ ڪيو. وڏي وزير چيو ته آرمي ??بلڪ اسڪول جي معصوم ٻارن پنهنجي جانين جو نذرانو ڏئي ملڪ ۾ پائيدار امن جو بنياد رکيو ۽ پوري قوم حڪومت ۽ ادارن کي گڏيل دشمن خلاف متحد ڪيو.