اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سان قطر جي سفير شيخ سعود عبدالرحمان الثاني ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب قطر جي سفير وزيراعظم شهباز شريف کي ??زيراعظم چونڊجڻ تي قطري قيادت پاران مبارڪباد جو پيغام پهچايو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پراڻن ۽ ڀائراڻن لاڳاپن جو ذڪر ڪندي هن پاڪستان سان ٻ??رف?? لاڳاپن کي ??ڌيڪ گهرو ۽ وسيع ڪرڻ جي قطر جي خواهش کي ??رجايو. وزيراعظم شهباز شريف قطري قيادت پاران مبارڪباد واري پيغام تي قطري سفير جا ٿورا مڃيا. هن قطر پاڪستان لاڳاپن جي اهميت کي اجاگر ڪيو ۽ مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون کي ??ڌيڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي عزم کي ??رجايو، خاص طور تي وزيراعظم ان سلسلي ۾ واپا??، سيڙپڪاري، توانائي ۽ افرادي قوت جي شعبن جو ذڪر ڪيو. وزيراعظم افغان امن ۾ سهولتڪار طور قطر جي ڪردار کي ساراهيو ۽ ان خواهش جو اظهار ڪيو ته پاڪستان ۽ قطر افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي فروغ ۽ افغان عوام کي انساني بنيادن تي امداد جي فراهمي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪندا رهندا. قطر نار ملڪن ۾ پاڪستانين جي هڪ وڏي آبادي جو گهر آهي. پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ ع??يد?? ۽ قدرن جي مضبوط بنيادن تي ويجها ۽ خوشگوار لاڳاپا آهن. ٻئي ملڪ ٻ??رف?? ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن يت ويجهو تعاون ڪن ٿا.