ڪراچي – 13 – اپريل (اي پي پي) و??ير??عظم ميان شهباز شريف باباءِ قوم جي مزار تي بيهي وچن ڪيو آهي ته هو پنهنجي ڀرپور صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻيندي ملڪ جي خدمت ڪندو. و??ير??عظم پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح جي مزار تي حاضري جي موقعي تي مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر قلمبند ڪيا. و??ير??عظم لکيو ته ”اسان جي لاءِ هڪ ڌار وطن قائم ڪرڻ جي عظيم جدوجهد تي توهان کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ ۽ توهان جي لاءِ پنهنجي بي پناهه احترام جي اظهار طور توهان جي مزار تي حاضر ٿيو آهيان، اسان توهان کان م??ذر?? خو??هه آهيون ته اسان قوم جي حيثيت سان ان راهه جي پيروي نه ڪري سگهياسين جنهن جي توهان کي اسان مان اميد هئي. اهڙي طرح توهان جي روح کي اسان مايوس ڪيو، آئون توهان سان پختو وچن ڪ??يا?? ٿو ته آئون پنهنجي ڀرپور صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻيندي پنهنجي ملڪ جي خدمت ڪندس ۽ ڪوشان رهندس ته آئون توهان جي اميدن تي پورو لهي سگهان.