اسلام آباد – 21 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف رمضان المبارڪ دوران عوام جي ڏنل ريليف پئڪيج تي عملدرآمد کي يقيني ??ڻا??ڻ جي هدايت ڪندي چي?? آهي ته حڪومت جي اولين ترجيح مهانگائي ۾ پيڙهيل عوام کي فوري ريليف فراهم ڪرڻ ??هي. اها ڳالهه هن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شا??ه سان ڳالهائيندي ڪئي جنهن ساڻس ملاقات ??ئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ موجوده ملڪي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سنڌ جي وڏي وزير وزيراعظم کي پهرين ڪابينا اجلاس ۾ ملڪي ترقي جي لاءِ گڏيل تعاون سان ڪم ڪرڻ جي عزم تي مبارڪباد ڏني. سنڌ جي وڏي وزير وزيراعظم کي سنڌ جي انتظامي معاملن تي پڻ بريفنگ ڏني. وزيراعظم شهباز شريف هدايت ڪئي ته رمضان المبارڪ دوران عوام کي ڏنل ريليف پئڪيج تي عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي. هن چي?? ته موجوده حڪومت جي اولين ترجيح مهانگائي جي چڪي ۾ پيڙهيل عوام کي فوري ريليف ڏيڻ ??هي. هن چي?? ته عوامي ريليف جي لاءِ صوبا ۽ وفاق گڏجي ڪم ڪندا.