اسلام آباد – 13 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم ا??رنگزيب يو ??ي اي جي صدر شيخ خليفه بن زيد النهيان جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ??هي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن چيو ??ه شيخ خليفه زيد النهيان پنهنجي مل?? جي عوام جي لاءِ باوقار زندگي کي يقيني بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، سندس دور ۾ گڏيل عرب امارات تيز ??فتار ترقي ڪئي، مرحوم پنهنجي مل?? جي لاءِ پهريون اسٽريٽجڪ منصوبو ٺاهيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ??ه شيخ خليفه بن زيد النهيان اسلامي دنيا ۾ هڪ مضبوط آواز رکندو هو. هن چيو ??ه يو ??ي اي جي شاهي خاندان ۽ عوام جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. اطلاعات واري وفاقي وزير دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم شيخ خليفه بن زيد النهيان جا درجا بلند فرمائي ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.