لاهور – 28 – مئي (اي پي پي) ??زي??اعظم شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪندڙ چيني ڪمپنين کي درپيش مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا وڃن، پاڪ چائنه گڏيل سيڙپڪاري جي منصوبن کي جلد فعال ڪرڻ لاءِ هر ممڪن سهولت پهچائي وڃي، انهن ڪمپنين جي ملازمن لاءِ سيڪيورٽي وڌيڪ موثر بڻائي وڃي. هن اها هدايت چيني ڪمپنين جي سيڙپڪاري جي سلسلي ۾ جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ منصوبابندي، ترقي واري وفاقي ??زي?? احسن اقبال، پاور ڊويزن واري وفاقي ??زي?? خرم دستگير، سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي ??زي?? چوڌري سالڪ حسين، ??زي??اعظم جي خاص مددگار طارق فاطمي، گهرو، ناڻي، پرڏيهي ??عا??لن جي سيڪريٽرين، سيڙپڪاري بورڊ، پيٽروليم، پاور، آءِ ٽي، ريلوي جي سيڪريٽرين ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وفاقي ??زي?? احسن اقبال پاڪستان چين جي گهڻ رخي لاڳاپن ۽ سيڙپڪاري ۾ موجود وڌيڪ امڪاني موقعن تي بريفنگ ڏني. ??زي??اعظم شهباز شريف خصوصي هدايت ڪئي ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪندڙ چيني ڪمپنين کي درپيش مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا وڃن، پاڪ – چائنه گڏيل سيڙپڪاري جي منصوبن کي جلد فعال ڪرڻ لاءِ هر ممڪن سهولت هڪٻئي کي پهچائي وڃي، هن هدايت ڪئي ته پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ سمورين چيني ڪمپنين جي ملازمن جي سيڪيورٽي وڌيڪ موثر بڻائي وڃي.