اسلام آباد – 23 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي آءِ ٽي پروفيش??لز جي طلب ۽ پهچ ۾ وڌندڙ فرق کي ڀڻ جي لاءِ هنرمند انساني وسيلن جي انگ ۾ تيزي سان ??ضافي جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته تعليمي ادارا شاگردن کي علم ۽ هنر جي فراهمي لاءِ آن لائين ۽ هائبرڊ طريقا اختيار ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪيڊٽ ڪاليج مري جي شاگردن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان ??در ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ايوان ??در جي پريس ونگ پاران ??اري بيان موجب صدر چيو ته شاگرد بهتر فيصلاسازي جي لاءِ تنقيدي ۽ تجزياتي سوچ پي??ا ڪن، شاگرد پنهنجي لاءِ علم جا دروازا سڄي زندگي کليل رکن، شاگرد ماضي جي تجربن سان گڏوگڏ آءِ ٽي جي ذريعي آساني سان ??ستياب علم مان فائدو کڻن. هن چيو ته نوجوانن کي غلط م??لومات، فيڪ نيوز ۽ صحيح خبرن ۾ فرق ڪرڻ جي ضرورت آهي، شاگرد رسول الله ﷺ جي سيرت طيبه ۽ ڪامياب ماڻهن جي تجربن جي روشني ۾ فيصلاسازي ڪن. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته قائداعظم تحريڪ آزادي ۾ شاگردن جي ڪردار کي خاص اهميت ڏيندو هو، بطور صدر پاڪستان ??ورتن جي ملڪيتي حقن جي تحفظ، خصوصي ماڻهن جي ڀلائي ۽ قومي اهم??ت جي سمورن شعبن ۾ آءِ ٽي جي فروغ لاءِ خاص طور تي ڪم ڪيو. صدر چيو ته قدرتي وسيلن سان گڏوگڏ هنرمند انساني وسيلا قومن جي پائيدار ۽ تيز رفتار ترقي جا لازم جز آهن، هنرمند انساني وسيلن جي غيرموجودگي ۾ قدرتي وسيلن مان فائدو نه ٿو کڻي سگهجي. هن چيو ته تعليمي ادارا شاگرد ۽ علم ۽ هنر جي فراهمي لاءِ آن لائين ۽ هائبرڊ طريقا اختيار ڪن، تعليمي ادارا قدرتي وسيلن کي استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ قابل ۽ هنرمند پي??يواراڻي ماڻهن جي مسلسل فراهمي يقيني بڻائين.