??سل??م آباد – 05 – آگسٽ (اي پي پي) ??سل??مي تعاون تنظيم (او آءِ سي) عالمي برادري کان مطالبو ڪيو آهي ته اها گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب والاريل ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي حل لاءِ ٺوس قدم کڻي. او آءِ سي جي جنرل سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان موجب ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 5 آگسٽ جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن کي ٽي سال مڪمل ٿي ويا آهن، ان دوران ڀارت والاريل علائقي ۾ غيرقانوني آبادياتي تبديلين سميت وڏي پئماني تي غيرقانوني قدم کنيا آهن. بيان ۾ چيو ويو آهي ته اهڙي قسم جا غيرقانوني قدم نه ته ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪراري حيثيت کي تبديل ڪري سگهن ٿا ۽ نه ئي ڪشميري عوام جي خودمختياري جي حق کي متاثر ڪري سگهن ٿا. جنرل سيڪريٽريٽ ڄمون ۽ ڪشمير بابت ??سل??مي سربراهي اجلاس ۽ پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي قراردادن جو ذڪر ڪندي ڪشميري عوام جي انهن جي ناقابل تنسيخ خودمختياري جي حق کي حاصل ڪرڻ ۾ او آءِ سي جي يڪجهتي کي ورجايو. بيان ۾ ڪشميرين جي بنيادي آزادين ۽ بنيادي انساني حقن جي احترام ۽ 5 آگسٽ 2019ع ۽ ان کانپوءِ ڪيل سمورن ??يرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن کي واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. جنرل سيڪريٽريٽ عالمي برادري کان مطالبو ڪي وآهي ته اها گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي حل لاءِ ٺوس قدم کڻي.