دوحه – 23 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ قطر جي و?? ۾ گڏيل احترام، اعتماد ۽ حمايت تي ٻڌل لاڳاپن جي خصوصي نوعيت کي اجاگر ڪندي قطري سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ قدم وڌائڻ جي لاءِ پنهنجي حڪومت پاران مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي ۽ چيو ته پاڪستان جي جاگرافيائي بيهڪ ان کي خطي جو اولين واپاري، توانائي ۽ ٽرانسپورٽ ڪوريڊور بڻائي ڇڏيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن دوحه ۾ ”پاڪستان قطر واپار ۽ سيڙپڪاري گول ميز 2022ع“ جي موقعي تي ناليوارن قطري ۽ پاڪستاني واپاري اڳواڻن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. قطر فنانشل سينٽر، پاڪستان بزنس ڪائونسل قطر ۽ دوحه ۾ پاڪستاني سفارتخاني گڏيل طور تي گول ميز ڪانفرنس جو اهتمام ڪيو. قطر جي ناڻي واري ??زير علي بن احمد انڪواري، قطر جي واپار ۽ صنعت واري انڊر سيڪريٽري سلطان بن راشد ۽ قطر فنانشل ڪنٽر جي سي اي او يوسف الخطر جيدا پڻ تقريب ۾ شرڪت ??ئي. قطر جي ناليوارن ڪاروباري ۽ ڪارپوريٽ ايگزيڪيوٽويز سان گڏوگڏ قطر ۾ رهندڙ پاڪستانيواپاري برادري جي و??ي انگ پڻ شرڪت ??ئي. ان موقعي تي پنهنجي خطاب ۾ وزيراعظم پاڪستان ۽ قطر جي و?? ۾ گڏيل احترام، اعتماد ۽ حمايت تي ٻڌل لاڳاپن جي خصوصي نوعيت تي روشني و??ي. هن قطر کي هڪ اعتماد جوڳو پارٽنر قرار ڏنو جنهن جي حمايت کي سچي دل سان ساراهيو ويو. هن سڄي دنيا ۾ شديد مهانگائي جي رجحانن ۽ معاشي ٻاڙائي جي دور ۾ پاڪستان جي سپورٽ تي قطر کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته موجوده حڪومت هڪ اهڙي وقت ۾ اقتدار سنڀاليو جڏهن پاڪستان کي و??ي معاسي، واپاري خساري ۽ وسيلن تي و??ي دٻاءُ جهڙا چئلينجز درپيش هئا. هن وڌيڪ چيو ته ٻارڻ سميت درآمدات کي گهٽ ڪر?? جو واحد رستو صنعتي پيداوار ۾ اضافو ۽ قابل تجديد توانائي کي استعمال ۾ آڻي ملڪ جي روانگي واپار کي و??ائڻ آهي. ملڪ جي هائيڊرو پاور جي و??ي صلاحيت کي اجاگر ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان خاص طور تي قطري سيڙپڪارن کي فوري ??نافعي جي لاءِ پن بجلي جي پيداوار ۾ سيڙپڪاري ??ان فائدو کڻڻ جي لاءِ غيرملڪي سيڙپڪاري جي آڇ ڪئي آهي. افغانستان ۾ ثالثي جي ڪردار تي قطر کي ساراهيندي هن چيو ته قطر نه رڳو افغانستان پر خطي ۾ امن ۽ هم آهنگي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ قطر کي واپار ۽ سيڙپڪاري جي شعبي ۾ پنهنجي ڪوششن کي هم آهنگ ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم ملڪ ۾ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري جي لاءِ دوستاڻو ماحول فراهم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي حڪومت جي پڪي عزم کي اجاگر ڪيو. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان کي تمام گهڻي قدرتي ۽ انساني وسيلن سان نوازيو ويو آهي ۽ پاڪستان جي جاگرافيائي بيهڪ ان کي خطي جو اولين واپاري، توانائي ۽ ٽرانسپورٽ ڪوريڊور بڻجڻ جي قابل بڻايو آهي. وزيراعظم چيو ته ان منفرد فائدي پاڪستان کي موقعن سان ڀرپور مارڪيٽ بڻائي ڇڏيو. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته وچولي طبقي سان گڏ هڪ وڏي صارف منڊي هجڻ جي ڪري ??اڪستان غذائي تحفظ، توانائي سميت قابل تجديد ذريعن، زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ، انفارميشن ٽيڪنالاجي، مهمان نوازي ۽ سياحت جي شعبن ۾ سيڙپڪارن جي لاءِ پرڪشش ڪاروباري ??وقعا فراهم ڪيا آهن. وزيراعظم قطري سيرپڪارن کي پاڪستان ۾ پنهنجي قدرم وڌائڻ جي لاءِ حڪومت پاران مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي. هن پاڪستاني ۽ قطري ??اپارين سان گڏ گول ميز ڪانفرنس منعقد ڪرڻ ۾ منتظمين جي ڪوششن کي ساراهيو. ان کان اڳ قطر ۾ پاڪستان جي سفير پنهنجي آجياڻي واري خطاب ۾ ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته وزيراعظم جو دورو ٻطرفي واپار، سيڙپڪاري ۽ اقتصادي لاڳاپن ۾ خاطرخواهه اضافي جو سبب بڻجندو. گول ميز دوران هڪ معزز پينل ٻطرفي واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي و??ائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پينل ڊسڪشن ۾ بنيادي طور تي تعاون جي نئين شعبن کي ڳولڻ تي ڌيان ڏنو ويو ته جيئن ڪاروباري ??ضبوط رابطا قائم ٿين، پينلسٽ ۾ واپار وارو وفاقي وزير سيد نويد قمر، پرڏيهي معاملن واري ??ملڪتي وزير حنا رباني کر، ڪيو ايف سٽ جو چيف بزنس آفيسر الانود بن حمد الثاني، اعزازي سيڙپڪاري ڪائونسلر محسن مجتبيٰ ۽ پاڪستان بزنس ڪائونسل جو صدر ڊاڪٽر جاويد اقبال شامل هئا.