نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر چيو ??هي ته عالمي مسئلن ۽ بحرانن سان عورتون غيرمتناسب طور تي متاثر ٿيون آهن، عالمي امن، سلامتي ۽ ترقي ۽ خاص ط??ر تي موسمياتي تبديلي جي مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ع??رت اڳواڻن جي آواز جي وڏي اهميت آهي، پاڪستان ۾ تازي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ 650000 کان وڌيڪ حاملا عورتن جي صحت کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيويارڪ ۾ ”فيمنسٽ فارن پاليسي“ جي موضوع تي هڪ تقريب کي خطاب ۾ڪيو. تقريب جو انعقاد گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي موقعي تي ڪيو ويو. حنا رباني کر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته فيمنسٽ فارن پاليسي کي عملي شڪل ڏيڻ جي لاءِ ع??رت اڳواڻن جي لاءِ اهو ڄاڻڻ ضروري ??هي ته عورتون تڪرارن ۽ بحران سان غيرمتناسب طور تي متاثر ٿين ٿيون، ان ڏس ۾ انهن کي اصولن سان سچي وابستگي ظاهر ڪرڻ جي ضر??رت آهي. جرمني جي اهتمام هيٺ ان تقريب ۾ ع??رت وزيرن ۽ اڳواڻن شرڪت ڪئي جيڪي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اعليٰ سطحي اجلاس جي لاءِ نيويارڪ ۾ موجود آهن.