اسلام آباد – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) ٻوڏ متاثرين جي امد??د لاءِ سعودي عرب مان هڪ اڏام امدادي سامان کڻي پاڪستان پهچي وئي. سعودي امدادي اڏام ڪراچي جي جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي لٿي. پرڏيهي آفيس موجب سعودي عرب مان ٻوڏ متاثرين جي لاءِ امدادي سامان آڻيندڙ اها ٽئين اڏام آهي. ٻئي ??رف پاڪستان سعودي عرب پاران امداد جي ڀرپور آجيان ڪئي ??هي.