اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم او??نگزيب مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ پرويز ملڪ مرحوم کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته پرويز ملڪ مسلم ليگ (ن) جو جانثار ۽ وفادار ساٿي هو، هو انتهائي نفيس، ملنسار ۽ محبت ڪندڙ شخص??ت هو، سندس لاڏاڻي کي اڄ هڪ سال گذري چڪو آهي پر پارٽي ۾ سن??س کوٽ اڃا به محسوس ڪئي پئي وڃي. پرويز ملڪ مرحوم جي ورسيءَ جي موقعي تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ جڳهه عطا فرمائي.