شرم الشيخ – 07 – نومبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس چيو ??هي ته موسمياتي تبديلي جي منفي اثرن ۽ ٻوڏ جي تباهين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عالمي برادري جي ذميواري ??هي ته اها پاڪستان جي ڀرپور مدد ڪري، پاڪستان کي ٻوڏ سان وڏي پئماني تي نقصان ٿيو آهي، عالمي مالياتي ادارا پاڪستان کي قرضن ۾ ڇوٽ ڏين جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ??هي ته موسمياتي تبديلي جي ڪري جيڪا تباهي پاڪستان ۾ ٿي اها پاڪستان تائين محدود نه رهندي، ٻوڏ سان اسان جي سماجي ۽ اقتصادي نظام کي شديد نقصان پهتو آهي، دنيا پاران تباهي ۽ نقصانن جو ازالو واحد اميد آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان پويلين ۾ يو اين ڪلائمينٽ چينج ڪانفرنس ڪوپ – 27 جي موقعي تي گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي خطاب ڪندي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس چيو ته هن ٻوڏ کانپوءِ پاڪستان جو دورو ڪيو، ٻوڏ سان پاڪستان ۾ فصل، ماڻهن جي روزگار ۽ زندگي جي نظام کي شديد نقصان پهتو ۽ ماڻهن جو سڀ ڪجهه تباهه ٿي ??يو?? مون ماڻهن کي هڪ ٻئي جي مدد ڪندي ڏٺو، پاڪستان جي عوام جا حوصلو، همت، ۽ فراخدلي ساراهه جوڳي آهي، پاڪستان جي عوام جي فراخدلي جي مون کي اڳ ۾ ئي خبر آهي، پاڪستاني عوام پاران لکين افغان پناهگيرن جي ميزباني وسارڻ جوڳي نه آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي، پاڪستان عالمي برادري جي ڀرپور مدد جو مستحق ??هي ۽ موسمياتي تبديلين سان سڀ کان ??ڌي?? متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ شامل آهي، مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ پاڪستان کي مدد جي ضرورت آهي، عالمي برادري جي ذميواري ??هي ته اها پاڪستان جي هن صورتحال ۾ بحالي ۽ نئين سر تعمير جي عمل جي لاءِ وڏي پئماني تي ڀرپور امداد ڪري، ان حوالي سان تمام گهڻو ڪجهه ڪرڻ جي ضرورت آهي، تباهي ۽ نقصان جي ازالي جي حوالي سان ڪوپ – 27 کي واضح روڊ ميپ ٺاهڻ ??هر??ي، ان سان پاڪستان کي به فائدو ٿيندو. هن چيو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب وڏي پئماني تي نقصان ٿيو آهي، پاڪستان کي مشڪل مان ڪڍڻ جي لاءِ سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ ??هر??ي، موسمياتي تبديلي جي شديد اثرن کان متاثر پاڪستان کي قرضن ۾ ڇوٽ جي به ضرورت ??هي ۽ ان سلسلي ۾ پاڪستان جهڙن متاثر ملڪن کي قرضن جي واپسي جي حوالي سان بحالي ۽ نئين سر تعمير جي شڪل ۾ سيڙپڪاري جي ضرورت آهي، عالمي مالياتي ادارن کي ??هر??ي ته اهي پاڪستان کي قرضن ۾ ڇوٽ ڏين، پاڪستان سميت قدرتي آفتن سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال کان متاثر ملڪن جي رعايتي فنانسنگ ٿيڻ ??هر??ي، اميد ??هي ته جي – 20 ملڪ ان حوالي سان قدم کڻندا. هن چيو ته پاڪستان عالمي برادري پاران ڀرپور امداد جو مستحق آهي. هن چيو ته پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت سان موجوده حالتن ۾ مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ ??هر??ي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ پاڪستان پويلين اچڻ تي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس جو ٿورائتو آهيان، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل پنهنجي پاڪستان جي دوري دوران پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب ٿيندڙ بدترين تباهي پنهنجي اکين سان ڏٺي، توهان جي دوري ۽ همدردي جي جذبن کي سدائين ياد رکيو ويندو، اهو اسان جي لاءِ تمام گهڻي اهميت رکي ٿو. وزيراعظم چيو ته توهان بهتر ڄاڻو ٿا ته عالمي برادري جي طور تي اسان هڪ نئين گرين ڊيل جي دهليز تي بيٺل آهيون جتان واپس وڃڻ ممڪن نه هوندو، توهان ڄاڻو ٿا ته پاڪستان جهڙا ملڪ ??ڌي?? متاثر ٿيندا. هن چيو ته دنيا جي نقصانن ۽ تباهي جي ازالي لاءِ اهڙي قسم جون ڪانفرنسون واحد اميد آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ لکين ماڻهن کي سرديءَ جي موسم پناهه ۽ روزگار کانسواءِ گذارڻي پوندي جڏهن ته اهو انهن جو بنيادي حق آهي، عورتون ۽ ٻار به هاڻي پنهنجي بنيادي ضرورتن جي تحفظ لاءِ اسان طرف ڏسي رهيا آهن جڏهن ته ڳوٺ بهتر مستقبل جا منتظر آهن ۽ اهڙي بحالي جي لاءِ وسيلن جي ضرورت ??هي جن جي اسان ضمانت ڏيڻ کان قاصر آهيون، ملڪ جي ڏاکڻي علائقن ۾ بيٺل پاڻي وڏين وڏين ڍنڍن جو منظر پيش ڪري رهيو ??هي جتي لکين ماڻهن کي فصل سان خوراڪ ملندي رهي ??هي ۽ چوپايو مال لکين خاندانن جي ڪفالت جو ذريعو بڻجندو رهيو هوندو. هن چيو ته ٻوڏ جي ڪري اڃا به سوين پليون تباهه ٿيل آهن، 8000 ڪلوميٽر کان ??ڌي?? رستا لُڙهي ويا آهن، ٻوڏ وارو پاڻي نه نڪرڻ جي ڪري پاڻي سان پيدا ٿيندڙ بيمارين جي ڪري صحت جو بحران پيدا ٿيڻ جو خدشو آهي، اسان هنگامي قدم کنيا آهن، گڏيل قومن جي ادارن، صحت جي عالمي اداري ۽ ٻين ترقياتي حصيدارن جا ٿورائتا آهيون جن ان وڏي چئليج کي منهن ڏيڻ ۾ اسان جي مدد ڪئي ??هي پر موسمياتي تباهي اسان جي سماجي ۽ اقتصادي نظام کي شديد نقصان پهچايو آهي. وزيراعظم چيو ته ٻوڏ سبب اسان جو 30 ارب ڊالر کان ??ڌي?? جو نقصان ٿيو آهي. هن چيو ته اسان جي بحالي جو سفر وڌندڙ قرضن، توانائي جي عالمي سطح تي قيمتن ۾ اضافي، موافقت فنڊنگ تائين حقيقي پهچ نه هجڻ سان متاثر ٿيندو. هن چيو ته اسان جي سماجي تحفظ جي پروگرام بي آءِ ايس پي 2.8 ملين غريب خاندانن ۾ 70 ارب رپيا (316 ملين آمريڪي ڊالر) جي رقم فوري طور تي ورڇ ڪئي، اسان قومي امدادي ڪوششن جي لاءِ سمورا دستياب وسيلا استعمال ڪيا آهن ۽ بجيٽ جي سمورين ترجيحن کي متعين ڪيو ??هي جن ۾ ترقياتي فنڊز به شامل آهن، اسان توهان ۽ توهان جي ٽيم جي ڪوششن ۽ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ اپيلن کي ساراهيون ٿا پر لکين ماڻهن کي رهائش ۽ خوراڪ جي فراهمي جي لاءِ اڃا تمام گهڻو ڪجهه ڪرڻو پوندو. هن چيو ته موسمياتي بحران ۽ عالمي گرمي پد جي ڪري پيدا ٿيندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ جي ضرورت ??هي ۽ پاڪستان جي متاثر ملڪ هجڻ جي ناطي اسان جو مقصد ??هي ته ڪلائميٽ فنانس جا هدف حاصل ڪيا وڃن، اسان موسمياتي ايجنڊا جي حوالي سان نقصان جي ازالي جا خواهشمند آهيون ۽ پراميد آهيون ته سمورا ملڪ ڪوپ – 27 جي اجلاسن ۾ انهي جذبي سان شريڪ ٿيندا ته سڀني جي لاءِ موسمياتي انصاف جي ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته ان صورتحال کي مڪمل تباهي طرف نه وڃڻ ??هر??ي ۽ اسان کي انهن حالتن ۾ هڪ عزم جي طور تي منصوبابندي ڪرڻ ??هر??ي ڇو ته جيڪو ڪجهه پاڪستان ۾ ٿيو ??هي اهو پاڪستان تائين محدود نه رهندو.