شرم الشيخ – 07 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ش??يف ۽ گڏيل عرب امارات جي صدر محمد بن زيد النيهيان گڏيل مفاد جي گڏيل مقصدن جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز ش??يف ۽ گڏيل عرب امارات جي صدر محمد بن زيد النهيان مصر ۾ ڪوپ 27 سربراهي اجلاس جي موقعي تي ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم شهباز ش??يف ٻوڏ متاثرين جي فراخدلاڻي امداد تي گڏيل عرب امارات جي قيادت ۽ عوام جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم موسمياتي تبديلين جي اثرن جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ ڪوپ 27 جي عزم کي سٺو سنئوڻ قرار ڏنو. وزيراعظم ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته موسمياتي تبديلين جي اثرن کي منهن ڏيڻ رڳو اسرندڙ ملڪن جي وس ۾ نه آهي، عالمي برادري کي گڏجي زمين جي بقاءَ جو گڏيل چارٽر ٺاهڻو پوندو. وزيراعظم شهباز ش??يف ڪوپ 27 ڪانفرنس جي مقصدن جي لاءِ عالمي برادري خاص طور تي اسلامي دنيا جي عزم جي آجيان ڪئي. ??نه?? اڳواڻن گڏيل مفاد جي گڏيل مقصدن جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.