اسلام آباد– 16 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شر??ف لڪي مروت ۾ پوليس وين تي دهشتگردن جي حملي جي شديد مذمت ڪئي آهي، جنهن ۾ 6 پوليس اهلڪار شهيد ٿيا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پار??ن جاري بيان موجب وزيراعظم شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته قوم ملڪ تي جانيون قربان ڪندڙ فرزندن کي سلام پيش ڪري ٿي. هن چيو ته دهشت??رد پاڪست??ن جا دشمن آهن ۽ سمورا پاڪستاي دهشتگردي جي خلاف شيهي جي ديوار ثابت ٿيندا. پوليس دهشتگردي جي خلاف هر اول دستي جو قابل فخر ڪردار ادا ڪيو آهي. وزيراعظم شهيدن جي گهرڀاتين سان همدردي جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته الله تعاليٰ شهيدن جا درجا بلند فرمائي ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي. وزيراعظم چيو ته خيبرپختونخواهه حڪومت شهيدن کي اعزاز ۽ شهداءِ پئڪيج ڏي.