اسلام آباد – 21 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شه??از شريف اينڪر پرسن شفا يوسفزئي جي گهر هٿياربند ماڻهن جي زبردستي داخل ٿيڻ ۽ ملازمن تي تشدد جو سخت نوٽيس وٺندي آءِ جي اسلام آباد ک??ن رپورٽ طلب ڪري ورتي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته واقعي جي شديد مذمت ڪريون ٿا، عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ ا??لين ذميواري آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته جوابدارن جو سراغ لڳائي قانون موجب سخت سزا ڏني وڃي. وزيراعظم اينڪر پرسن شفا يوسفزئي ۽ سندس والدين س??ن يڪجهتي جو اظهار پڻ ڪيو.