اسلام آباد – 21 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪ??تا?? ۾ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ ??وثر بحالي ۽ نئين سر تعمير جو فريم ورڪ (??ر ايف 4) جاري ڪري ڇڏيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف سان منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير احسن اقبال ملاقات ڪئي ۽ کيس ??ر ايف 4 رپورٽ جي ڪاپي پيش ڪئي. ملاقات ۾ منصوبابندي ??ار?? سيڪريٽري سيد ظفر علي شاهه ۽ منصوبابندي واري وزارت جا ٻيا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ته ??ر ايف 4 د??تا??يز تازي موسمياتي ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصانن جي بحالي ۽ نئين سر تعمير جو ايڪشن پلان آهي، هي د??تا??يز هن سال آڪٽوبر جي آخر ۾ شروع ڪيل ٻوڏ کانپوءِ ??قصانن ۽ ضرورتن جي ڪاٿي (پي ڊي اين اي) رپورٽ جي اندازي موجب نقصان تي ٻڌل آهي. وفاقي وزير ٻڌايو ته ??ر ايف 4 د??تا??يز ۾ مختصر، وچولي ۽ ڊگهي مدي واري موثر موسمياتي حڪمت عملي شامل آهي. وزيراعظم ان اهم فريم ورڪ کي تيار ڪرڻ جي لاءِ سڄي پاڪ??تا?? جي لاءِ ??وس موقف کي اختيار ڪرڻ تي منصوبابندي، ترقي ۽ خصوقي قدمن واري وزارت، ترقياتي حصيدارن، لاڳاپيل وزارتن، اين ڊي ايم اي ۽ صوبائي حڪومتن جي ڪوششن کي ساراهيو. هن منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير ۽ سندس ٽيم کي انهن جي محنت تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم شهباز شريف هدايت ڪئي ته 9 جنوري 2023ع تي سوئيٽزرلينڊ جي شهر جنيوا ۾ ٿيندڙ ايندڙ ترقياتي ڪانفرنس ۾ ان فريم ورڪ کي موثر بڻائڻ جي لاءِ ضروري ڪوششون ڪيون وڃن. هن وڌيڪ هدايت ڪئي ته منصوبابندي واري وزارت پرڏيهي وزارت، موسمياتي تبديلي واري وزارت ۽ اقتصادي معاملن واري ڊويزن سان گڏجي د??تا??يز جي اندرون ۽ ٻاهرئين ملڪ سمورن ڌرين تائين موثر فراهمي جي لاءِ ضروري قدم کڻي.