اسلام آباد – 22 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان گڏيل عرب امارات جي پرڏيهي معاملن ۽ عالمي تعاون واري وزير شيخ ??بدالله بن زيد النهيان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. ڳالهه ٻولهه دوران ٻنهي اڳو??ڻن افغانستان ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي ۽ افغانستان جي يونيورسٽين ۾ ڇوڪرين ۽ عورتن جي تعليم تي پابندي جي طالبان جي فيصلي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موج?? ٽيليفونڪ رابطي ۾ پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي پرڏيهي وزي??ن افغانستان ۾ سلامتي، استحڪام ۽ امن جي حمايت ۾ پنهنجي مضبوط موقف کي ورجائيندي افغان عوام جي پائيدار مستقبل جي لاءِ عالمي ڪوششن کي اڳتي وڌائڻ ۽ عورتن جي حقن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي ضرورت سان گڏوگڏ زندگي جي سمورن شعبن ۾ عورتن ۽ ڇوڪرين جي مڪمل ۽ برابر شرڪت جي اهميت کي حقيقي قرار ڏيندي ٻنهي اڳو??ڻن چيو ته اسلام عورتن کي هڪ اهم مقام ڏنو آهي ۽ انهن جي حقن جي تحفظ جي لاءِ زور ڏي ٿو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ شيخ ??بدالله بن زيد النهيان ڳالهه ٻولهه دوران افغانستان ۾ سلامتي، استحڪام ۽ امن جي حمايت ۾ پنهنجي مضبوط موقف ۽ افغان عوام جي پائيدار مستقبل جي لاءِ عالمي ڪوششن کي اڳتي وڌائڻ تي پڻ زور ڏنو.