اسلام آباد – 29 – ڊسمبر (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي دهشتگردي جي خلاف قوم جي اڻٿڪ عزم کي ورجائيندي چيو آهي ته دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ سيڪيورٽي فورسز ۽ قوم جون ڪوششون جاري رهنديون. صدر ضلعي ڪرم جي علائقي ۾ دهشتگردن جي خلاف ڪارروائي تي پاڪستان آرمي کي خراج تحسين ۽ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. هن شهيد صوبيدار شجاع محمد، نائيڪ محمد رمضان، سپاهي عبدالرحمان کي ملڪ جي لاءِ جان جو نذرانو ڏيڻ تي سلام پيش ڪيو. صدر شهيدن جي پو??ئيرن سان همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ دعا ڪئي ته الله ??عا??يٰ شهيدن جا درجا بلند فرمائي ۽ پو??ئيرن کي ص??ر جميل عطا فرمائي.