اسلام آباد – 29 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ (پي آءِ ڊي) جي خصوصي منصوبي ”پاڪستان ??نفارميشن سينٽر“ جي اهتمام هيٺ انفارميشن سروس اڪيڊمي، اسلام آباد ۾ نون ۽ مڊ ڪيريئر صحافين جي لاءِ ٻن ڏينهن وارو تربيتي ورڪشاپ پڄاڻي تي پهتو. ان ??ربيتي ورڪشاپ جو موضوع ”فيڪ نيوز ۽ ڪوڙ تي ٻڌل بيانيي جو تدارڪ“ هو جڏهن ته ورڪشاپ جو مقصد شرڪت ڪندڙن کي فيڪ نيوز ۽ منفي پروپئگن??ه جي تدارڪ 7 ان ??و ٽوڙ ڪرڻ جي ضرورت ۽ اهميت کان ??وشناس ڪرائڻ ??و. ٻن ڏينهن واري تربيتي ورڪشاپ جو افتتاح اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد ڪيو. ورڪشاپ جي ٻئي ڏينهن پهرين سيشن ?? خيبر ٽي وي جي ڊائريڪٽر حسن خان ??رڪت ڪندڙن کي انفارميشن ?? فيئر ۽ پروپئگن??ه جي ٽولز ۽ پروپئگن??ه جي تدارڪ بابت تفصيلي پريزنٽيشن ڏني ۽ تربيتي ورڪشاپ جي شرڪت ڪندڙن جي سوالن جا جواب ڏنا. ٻئي سيشن ?? ريڊيو پاڪستان ??ي اڳوڻي ڊائريڪٽر جنرل مرتضيٰ سولنگي ڇپجڻ کان ??ڳ خبرن جي تصديق ڪرڻ ۽ سچائي کان ڪم وٺڻ جي ضرورت ۽ اهميت تي روشني وڌي ۽ شرڪت ڪندڙن کي رياست جي خلاف پروپئگن??ه جو ٽوڙ ڪرڻ جي حڪمت عملي بابت ٻڌايو. ورڪشاپ جي ٽئين سيشن ?? انفارميشن سروس اڪيڊمي جي ڊائريڪٽر جنرل سعيد احمد شيخ شرڪت ڪندڙن کي سچي خبر جي ضرورت ۽ اهميت ۽ خبرون ٺاهڻ جي سموري عمل ۾ قومي مفادن کي نظر ۾ رکڻ بابت ٻڌايو ۽ انهن کي فيڪ نيوز ۽ ڪوڙي پروپئگنڊه کي منهن ڏيڻ جي لاءِ موثر قدم کڻڻ بابت آگاهه ڪيو. ورڪشاپ جي پڄاڻي تي خاص مهمان ??يگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جنرل انفارميش سروس اڪيڊمي سيد مبشر توقير شاهه ۽ نيشنل پريس ڪلب جي صدر انور رضا ٻن ڏينهن واري ٽريننگ ورڪشاپ جي سمورن شرڪت ڪندڙن ۾ سرٽيفڪيٽس ورهايا. بعد ۾ هن مهان مقررن کي يادگاري شيلڊز پيش ڪيون. ان موقعي تي خاص مهمان ??يد مبشر توقير ۽ نيشنل پريس ڪلب جي صدر انور رضا کي پڻ يادگاري شيلڊز پيش ڪيون ويون. ورڪشاپ جي شرڪت ڪندڙن اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ جي ان قدم کي ساراهيندي اهم موضوعن تي تربيتي ورڪشاپس جو سلسلو جاري رکڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.