ابوظهبي – 12 – جنوري (اي پ?? پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل عرب امارات جي ٻن ڏينهن جي دوري تي ابوظهبي پ??چي ويو آهي. وزيراعظم آفيس جي مي??يا ونگ پاران جاري بيان موجب ابوظهبي جي هوائي اڏي تي گڏيل عرب امارات جي اقتصادي معاملن واري وزير عبدالله طوق ال??ري ۽ پاڪستاني سفارتخاني جي آفيسرن وزيراعظم محمد شهباز شريف جو استقبال ڪيو. وزيراعظم گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زايد ال??هيان سان ملاقات ڪندو، جنهن ۾ ٻنهي ڀائر اسلامي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي، واپاري ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ تعاون ??ي فروغ ڏيڻ ۽ يو اي اي ۾ پاڪستاني افرادي قوت جي لاءِ موقعا پيدا ڪرڻ بابت معاملا بحث هيٺ ايندا. ٻئي اڳواڻ گڏيل دل??سپ?? جي ڪيترن ئي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل عرب امارات جي وزيراعظم ۽ نائب صدر ۽ دبئي جي حڪمران شيخ محمد بن راشد ال??ڪتوم سان به ملاقات ڪندو. ان موقعي تي وزيراعظم واپار ۽ سيڙپڪاري کي وڌائڻ جي لاءِ اماراتي واپارين ۽ سيڙپڪارن سان به ملاقاتون ??ندو.