اسلام آباد– 23 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وز??ر بلاول ڀٽو زرداري اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) جي 26 هين وزارتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ شرڪت ڪري رهيو آهي، جيڪو 23 ۽ 24 جنوري تي ازبڪستان جي گادي واري شهر تاشقند ۾ ٿي رهيو آهي. ڪانفرنس جو موضوع ”رابطي کي مضبوط بڻائڻ جو سال“ آهي. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وز??ر بلاول ڀٽو زرداري وزارتي ڪائونسل جي اجلاس کي خطاب ڪندو ?? ان موقعي تي ميمبر ملڪن جي وز??رن ۽ ٻين ن??ائندن سان ٻطرفيون ملاقاتون ڪندو. ڪائونسل آف منسٽرز اقتصادي تعاون تنظيم جو پاليسي ساز فورم آهي، جيڪو تنظيم جي فيصلن ۽ ??ال??اني ورڪ پلان جي منظوري ڏي ٿو، اها ??ال??ه ذڪر جوڳي آهي ته اقتصادي تعاون تنظيم جو 25 هون وزارتي ڪائونسل اجلاس نومبر 2021ع ۾ اشڪ آباد ترڪمانستان ۾ ٿيو هو، پاڪستان هڪ باني ميمبر طور اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) جي لاءِ پرعزم آهي، جنهن جو مقصد مواصلات، واپار، ثقافت ۽ رابطن تي خصوصي ڌيان سان گڏ موثر علائقائي تعاون کي فروغ ڏيڻ آهي.