پشاور – 23 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي وزيراعليٰ هائوس پشاور ۾ خيبرپختونخواهه جي مجموعي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ خيبرپختونخواهه جي نگر??ن وڏي وزير، چيف سيڪريٽري، خيبرپختونخواهه جي آءِ جي ۽ صوبائي عملدارن شرڪت ڪئي. ايوان صدر جي پريس موجب اجلاس ۾ صوبي ۾ ??يڪ??ورٽي جي مختلف رخن تي روشني وڌي وئي. صدر کي دهشتگردي جي سببن ۽ روڪڻ جي لاءِ کنيل قدمن تي به بريفنگ ڏني وئي. ان موقعي تي صدر خيبرپختونخواهه پوليس سميت ??يڪ??ورٽي ادارن جي خدمت?? ۽ ??ربانين کي خراج عقيدت پيش ڪيو.