اسلام آباد – 12– اپريل (اي پي پي) پرڏيهي وز??ر بلاول ڀٽو زرداري سان پاڪستان ۾ ت??ڪيه جي سفير مهمت پڪاچي پرڏيهي آفيس ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ان موقعي تي ڳالهائيندي پرڏيهي وز??ر چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه ج?? وچ ۾ ت??ريخي گهرا ڀائراڻا عوامي لاڳاپا آهن، ٻئي ملڪ هر مشڪل گهڙيءَ ۾ هڪ ٻئي سان گڏ بيٺل رهيا آهن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان ۾ ت??زي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ دوران ترڪيه پاران معاونت ساراهه جوڳي آهي. ترڪيه جي سفير زلزلي دوران پاڪستان پاران بهترين ??عاون تي ٿورا مڃيا. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ ترڪيه ج?? وچ ۾ ٻطرفن ۽ گهڻ رخي فورمز ۾ ت??اون جي لاءِ عزم جو اظهار ڪيو ويو جڏهن ته ٻنهي ملڪن واپار، سيڙپڪاري، دفاع، علائقائي تعاون، تعليم ۽ ثقافت سميت مختلف شعبن ۾ ت??اون جي حوالي سان گڏجي ڪم جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.