اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي انشورنس محتسب جو حڪم برقرار رکندي چيو آهي ته انشورنس ڪمپني پالي??ي هولڊرز جي مفادن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي پابند آهي، ??در انشورنس ڪمپني کي شهري کي 57172 آسٽريلوي ڊالر جو مڪمل هيلٿ انشورنس ڪليم ادا ڪرڻ جي هدايت ڪندي انشورنس ڪمپني جي اپيل رد ڪري ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب انشورنس ڪمپني ڪمزور بنيادن تي شهري کي انشورنس ڪليم جي رقم ادا ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو، شڪايت ڪندڙ (فهد محمود) ڪمپني کان والد جي آسٽريليا وڃڻ جي لاءِ 50 هزار آمريڪي ڊالر جي هيلٿ انشورنس پاليسي ورتي، ??سٽريليا ۾ قيام دوران شهري جي والد جو ٻه ڀيرا اسپتالن ۾ علاج ڪيو ويو، شهري هيلٿ انشورنس ڪليم داخل ڪيو، ڪمپني والد جي اسپتال ۾ رڳو پهريون ڀيرو داخل ٿيڻ جي ڪليم کي تسليم ڪيو، ٻئي داخلا جي دعويٰ کي اڳ کان موجود بيمارين کي لڪائڻ جي ڪري رد ڪري ڇڏيو جنهن تي شڪايت ڪندڙ وفاقي انشورنس محتسب سان رجوع ڪيو. انشورنس ڪمپني محتسب جي حڪم جي خلاف صدر کي اپيل داخل ڪئي، ??نهن کي رد ڪيو ويو. صدر چيو ته پهرين کان موجود بيماري کي ثابت ڪرڻ جي ذميواري ڪمپني جي آهي، ??نشورنس ڪليم جي ترديد جي لاءِ موجود بيماري جي موجودگي ۽ پالي??ي هولڊر جي ڄاڻ ۾ رکڻ بابت ناقابل ترديد ثبوت گهربل هو??دا آهن. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ڪمپني پاران اڳ کان موجود بيماري ثابت ڪرڻ جي لاءِ ڪا رپورٽ پيش نه ڪئي وئي، ??نشورنس ڪمپني پالي??ي هولڊرز جي مفادن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي پابند آهي، پاليسي جاري ڪرڻ کان اڳ ڪمپني پاران مناسب احتياط جي ضرورت آهي، مناسب عمل مان گذرڻ کانسواءِ، پاليسي جاري ڪرڻ اهڙيون حالتون پيدا ڪري ٿو. صدر چيو ته هڪ پالي??ي هولڊر پاليسي جاري ٿيڻ کانپوءِ پاڻ کي محفوظ سمجهي ٿو، ٻاهرئين ملڪ سفر ڪندڙ پالي??ي هولڊر کي غيرملڪي سرزمين ۾ صحت جي مسئلن کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو، ٻاهرئين ملڪ سفر ڪندڙ پالي??ي هولڊر کي فوري طبي مدد جي فر??هم?? سفري انشورنس پاليسي جو اصل مقصد آهي. صدر چيو ته ڪمپني هڪ قائدم شد?? ادارو آهي، پاليسي جاري ڪرڻ کان اڳ موجود بيمارين جو پتو لڳائڻ جا سمورا ذريعا ميسر آهن. صدر چيو ته ڪمپني بنا ڪنهن اعتراض جي اڳ ۾ داخلا جي دعويٰ کي قبول ڪيو، ٻئي داخلا جي دعويٰ کي بنا جواز رد ڪيو، ناقص بنيادن تي ٻي دعويٰ جي ترديد بدانتظامي آهي. صدر چيو ته ٻئي ڪليم کي رد ڪرڻ غيرمنصفاڻو، غيرمعقول ۽ غيرلاڳاپيل بنيادن تي ٻڌل آهي، ??نشورنس ڪمپني (يونائيٽيڊ انشورنس آف پاڪستان لميٽيڊ) جي درخواست رد ڪئي وڃي ٿي.