ڪوئيٽا – 31 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي گڏيل تڪرارن ۽ ٽڪراءُ جي صور??حا?? کان بچڻ جي لاءِ معمولي نوعيت جي ڪيس?? کي جلد اڪلائڻ جي ضر??رت تي زور ڏيندي چيو آهي ته عوامي خدمت ۽ گڊ گورننس جي فروغ ۾ وفاقي ۽ صوبائي محتسبن جو اهم ڪردار آهي. هڪ سيمينار کي خطاب ڪندي صدر چيو ته 2017ع ۾ قومي اسيمبلي جي ميمبر جي حيثيت سان هن روايتي عدالتي نظام تي بار گهٽ ڪرڻ جي لاءِ تڪرارن جي متبادل حل بابت هڪ بل جي منظوري جي لاءِ فعال طور تي ڪم ڪيو. ڊاڪٽر ع??رف علوي چيو ته سيڪيورٽي مسئلن جي ڪري ”زوم ميٽنگز“ جهڙي آن لائين سيٽ اپ جي اهتمام جو تجربو به ڪيو ويو آهي ته جيئن عام ماڻه?? کي وقت سر انصاف جي فراهمي کي يقيني بڻائي سگهجي. صدر چيو ته هن گذريل رات وفاقي محتسب جي 10 ڪيس?? کي اڪلايو ۽ عام طور تي هو اپيلن جي ڪيس?? کي رڳو ڪجهه ڪلاڪن ۾ اڪلائي ڇڏي ٿو. صدر محتسب جي ڪردار بابت شعور اجاگر ڪرڻ جي ضر??رت تي پڻ زور ڏنو ڇو ته هن وقت تمام گهٽ ماڻهو ان جي ڪردار کان واقف آهن. هن سرڪاري آفيسرن ۽ عام ماڻهن جي وچ ۾ رابطن جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽ?? کي ختم ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. هن چيو ته اسلام معاشري ۾ امن ۽ هم آهنگي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ماڻه?? کي صبر ۽ درگذر ڪرڻ جو درس ڏي ٿو. ڪا به قوم صحيح معنيٰ ۾ اسلام جي قدرن ۽ تعليم تي عمل پيرا ٿئي ته ا?? کي ڪنهن غيرملڪي امداد جي ضر??رت نه آهي. حضور نبي اڪرم ﷺ ۽ پاڻ ﷺ جي صحابه ڪرام جي زندگي جي معيار جو ذڪر ڪندي صدر ملڪ جي ايگزيڪيوٽوز کي پڻ چيو ته اهي ان جي پيروي ڪن ۽ عام ماڻهو جي زندگي جي معيار کي اختيار ڪن. عورتن جي حقن جي اهميت ۽ معاشري ۾ انهن جي شموليت بابت ڳالهائيندي صدر چيو ته اسلام پهريون مذهب آهي جنهن عورت?? کي وراثت فراهم ڪرڻ تي زور ڏنو آهي ۽ قرآن مجيد ۾ ان تي وضاحت سان زور ڏنو ويو آهي. زندگي جي هر شعبي ۾ عورتن جي شرڪت کي يقيني بڻائڻ جي ضر??رت تي زور ڏيندي صدر ع??رف علوي چيو ته ملڪ جي 52 سيڪڙو آبادي کي نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي، عورت?? کي اڳتي وڌڻ جي لاءِ موقعا ۽ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ جي ضر??رت آهي.