اسلام آباد – 31 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري اردن ۽ عراق جو دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري ب??ان موجب پرڏيهي وزير دوري جي پهرين مرحلي ۾ اردن جي شاهي خاندان جي دعوت تي شاهي خاندان ۾ شادي ??ي هڪ تقريب ۾ شر??ت جي لاءِ ار??ن ويندو. پرڏيهي وزير 5 کان 7 جون تائين عراق جو دورو ڪندو. دوري دوران پرڏيهي وزير عراقي قيادت سان ملاقاتون ڪندو ۽ پنهنجي هم منصب سان تفصيلي ملاقات ڪندو. دوري دوران اهم معاهدن تي صحيحون پڻ ڪيون وينديون. پرڏيهي وزير اهو دورو عراق جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ڊاڪٽر فواد حسين جي دعوت تي ڪري ره??و آهي.