اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي انشورنس محتسب جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي انشورنس معاملن ۾ ا??صا?? جي فراهمي لاءِ اداري جي ڪردار بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر کي وفاقي انشورنس محتسب جي سالياني رپورٽ سال 2022ع ايوان صدر ۾ پيش ڪ??ي وئي. وفاقي انشورنس محتسب ڊاڪٽر محمد خاور جميل رپورٽ پيش ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي صدر چيو ته عوام کي انشورنس معاملن ۾ انهن کي درن تي ا??صا?? جي فراهمي تيز ڪرڻي پوندي. هن چيو ته عوام انشورنس ??ال??سين بابت شڪايتن جي حل لاءِ وفاقي انشورنس محتسب سان رجوع ڪري ۽ انشورنس معاملن ۾ ا??صا?? جي فراهمي ۾ اداري جي ڪردار بابت آگاهي پيدا ڪ??ي وڃي. صدر وفاقي انشورنس محتسب جي سال 2022ع جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. وفاقي انشورنس محتسب سال 2022ع جي رپورٽ ۾ چيو آهي ته 4634 شڪايتن جو ازالو ڪيو ويو جڏهن ته سال دوران انشورنس ??ال??سي هولڊرز کي 2.5 ارب رپين جو ريليف فراهم ڪيو ويو. رپورٽ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته وفاقي انشورنس محتسب 95 سيڪڙو انشورنس ڪيسز جو ازالو 60 ڏينهن جي اندر ڪيو. رپورٽ ۾ چيو ويو ته ماڻهن کي انهن جي درن تي ا??صا?? جي فراهمي لاءِ انشورنس محتسب سکر ۽ حيدرآباد ۾ نيون آفيسون کوليون آهن.