ڪراچي – 13 جون (ا?? پي پي) ڪراچي واٽر بورڊ جي سي اي او انجنيئر سيد صلاح الدين احمد اعليٰ اختيارين کي سامونڊي طوفان ۽ امڪاني برساتن کي نظر ۾ رکندي هنگامي قدم کڻڻ جون ھدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن. واٽر بورڊ جي ترجمان موجب سمورن چيف انجنيئرن کي صوبائي ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي سميت ٻين لاڳاپيل ادارن ??ان مڪمل رابطي ۾ ر??ڻ جون هدايتون ڏنيون ويون آهن ۽ سمورن ضلعن جي ايس ئي ۽ ايڪسين کي پنھنجي ماتحت عملي ??ان گڏ پنھنجي دائري هيٺ علائقن ۾ ر??ڻ دوران بهتر ڪم ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي وئي آهي جڏ??ن تہ ڪنهن بہ هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ واٽر بورڊ جي سمورن آفيسرن ۽ ملازمن جون موڪلون پڻ منسوخ ڪيون ويون آهن، ان کان علاوه رين ايمرجنسي بابت چيف انجنيئر سيوريج آفتاب عالم چانڊيو کي فوڪل پرسن مقرر ڪيو ويو آهي جڏ??ن تہ 1339 شڪايت سينٽر / ڪسٽمر سروس سينٽر، بلاڪ اي نو ميل ڪارساز شاهراھ فيصل کي برسات جي هنگامي آپريشن لاءِ فوڪل پوائنٽ مقرر ڪيو ويو آهي، 1339 شڪايت سينٽر / ڪسٽمر سروس سينٽر برساتن دوران 24 ڪلاڪ ڪم ڪندو ۽ سمورن ضلعن ۽ مختلف ٽاؤنن ۾ ر??ن ايمرجنسي شڪايتي مرڪز پڻ قائم ڪيا ويندا، سي اي او واٽر بورڊ اعلي اختيارين کي وڌيڪ هدايتون ڏيندي چيو تہ جينٽنگ، سڪشن، راڊنگ، سيوريج صفائي جي مشينن، ڊي واٽرنگ پمس سميت سموري مشينري کي هر وقت تيار رکي وڃي، واٽر بورڊ جي بلڪ ٽرانسميشن سسٽم، ڪئنال، سائفن، ڪنڊيوٽ ۽ ٻين اهم تنصيبات جي سخت نگراني ڪئي وڃي ۽ ڌاٻيجي، گهارو، پپري، اين اي ڪي، حب پمپنگ اسٽيشن سميت سمورن فلٽر پلانٽس ۽ سمورن سيوريج پمپنگ اسٽيشنن جي سخت نگراني ڪئي وڃي، ان کان علاوه س?? پي ايس پمپنگ اسٽيشن سميت ضلعي ڏکڻ ۾ واقع ٻين سمورين پمپنگ اسٽيشنن تي سخت نگراني ڪندي 24 ڪلاڪ گشت ڪيو وڃي ۽ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جي سمورين پمپنگ اسٽيشنن کي بجلي بند ٿيڻ جي صورت ۾ جنريٽر جي مدد ??ان هلايو وڃي، سي اي او واٽر بورڊ شھرين کي اپيل ڪندي چيو تہ شهري برساتي پاڻي کي سيوريج جي پائيپ لائنن ۾ نيڪال ڪرڻ لاءِ مين هول جا ڍڪ نہ کولين ڇاڪاڻ تہ مين هول جا ڍڪ کولڻ ??ان گندي پاڻي ج?? وهڪرو بند ٿي ويندو جنهن ??ان شهرين کي سخت تڪليف کي منهن ڏيڻو پوندو.