اسلام آباد – 20 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته محنت ۽ عزم سان قائد جو پاڪستان ترقي جون منزلون طئي ڪندو، گذريل دور ۾ پاڪستان ۾ ترقي جو سفر رڪيل رهيو، سي پيڪ منصوبي تي غيرضروري تنقيد ڪئي وئي، چين، سعودي عرب، گڏيل عرب امارات ۽ قطر هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو، نواز شريف پاڪستان کي دهشتگردي ۽ لوڊشيڊنگ کان ڇوٽڪارو ڏياريو، پاڪستان کي بلندين تي وٺي وڃڻ جو سفر مشڪل ضرور آهي پر اختلاف ختم ڪري اسان قوم کي عظيم بڻائينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن مارگلا ايونيو جي ??فتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته مارگلا ايونيو، 20 ارب رپين جي ڳوٺاڻي ترقي ۽ خوشحالي جي پئڪيج ۽ سوئيٽ هومز جي لاءِ ڪوچز، اسلام آباد ۽ ٻين علائقن جي ??رقي ۽ خوشحالي جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، ماضي جي ??ستي ۽ ڏوهاري غفلت سان اسلام آباد جا شهري انهن منصوبن کان ڪيترن ئي سالن تائين محروم رهيا، پاڪستان کي ??ير??ستحڪم ۽ ڊ?? ريل ڪرڻ جون سازشون ڪيون ويون، 9 مئي تي انهن جي ??ازش ۽ ملڪ دشمني انتها تي پهچي وئي ۽ اه?? ڪم ٿيو جيڪو دشمن به سوچي نه ٿي سگهيو. هن چيو ته سي ڊي اي چيئرمين ۽ حنيف عباسي سميت مسلم ليگ (ن) جي قيادت ڏينهن رات محنت ڪئي ان تي انهن کي مبارڪباد ڏيان ٿو، اه?? خدمت جو اهڙو ذمو کنيو آهي جنهن جي ??وام سالن کان منتظر هئي، نواز شريف جي ??ور جي پڄاڻي کانپوءِ ترقي جو سفر رڪجي ويو، اين ايل سي ۽ ايف ڊبليو او کي شهري علائقن ۾ رستا ٺاهڻ جي ??جازت منهنجي وزارت اعليٰ جي ??ور ۾ ملي. هن هڪ معياري ڪم ڪيو، ڊي جي ??يف ڊبليو او انهي معيار کي واپس آڻي، ان ۾ صلاحيت ۽ هنر سان گڏوگڏ مهارت به آهي ۽ ان وٽ مشينري به آهي. هن گهرو وزير کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجي ٽيم باڪو وٺي وڃي، آذربائيجان قدرتي وسيلن سان مالامال آ??ي، باڪو شهر ڏسڻ وٽان آهي، ان جا رستا شاندار آهن، اتان جي ??رقي مان تجربو حاصل ڪيو وڃي، ٻوڏ ۾ آذربائيجان 5 ملين ڊالر جي ??وڪ امداد فراهم ڪئي. وزيراعظم چيو ته هي سال انتهائي مشڪل هو، پاڪستان ضرور قائد جو پاڪستان بڻجندو، چين سان جوهري توانائي سان هلندڙ بجلي گهر جو معاهدو ڪيو آهي، اه?? نواز شريف جو ويزن هو، چين پاڪستان جو اه?? دوست آهي جنهن ڪڏهن به مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ نه ڇڏيو، سعودي عرب به سدائين ??ير??شروط مدد ڪئي. هن چيو ته عمران نيازي الزام بازي ڪئي، سمورا منصوبا ٺپ ڪيا، سي پيڪ جي منصوبن ۾ مون تي 45 سيڪڙو ڪميشن کائڻ جو الزام هنيو، چين پاڪستان ۾ اربين ڊالر جي ??يڙپڪاري ڪئي ان تي ان جا ٿورا ادا ڪرڻ بدران بي بنياد الزام بازي ڪئي وئي، پاڪستان جي ??ي توقيري ڪئي وئي، عمران نيازي 4 سال مون کي مختلف عدالتن ۾ گهمايو، الله جو شڪر آهي ته هر شيءَ واضح ٿي وئي، اڄ چين جي ??رڪاري ڪمپني اسان جي ڪوششن سان 2017ع جي قيمتن تي ناڻي واڌ جي ??اوجود 30 ارب رپين جي ??عايت ڏني، محنت، امانت ۽ ديانت سان جيڪا ذميواري اسان کي ڏني وئي آهي ان کي نڀايون ته ان سان ئي اسان جي ??خرت سنورجي ??گهي ٿي، قومون ڏينهن رات محنت ۽ امانت ۽ ديانت سان ٺهنديون آهن، پاڪستان مان لوڊشيڊنگ جي ??اتمي ۾ چيني سيڙپڪارن جون ڪوششون پڻ شامل هيون جن هتي بجلي جا ڪارخانا هنيا، نواز شريف حڪومت پنهنجي وسيلن سان 5 هزار ميگاواٽ جا ايل اين جي منصوبا هنيا، اسان جي ??راعت، صنعت بري طرح ان لوڊشيڊنگ کان متاثر ٿي هئي. هن چيو ته هي ملڪ ۽ قوم بهادر آهن ان ۾ پيشيواراڻي مهارت آهي، زرعي زمين، جبل، درياءَ آهن تنهن هوندي به عزم جي کوٽ آهي، ڪم ڪرڻ جو پڪو ارادو جيڪڏهن اڄ به هجي ??ه اسان ترقي جون منزلون طئي ڪري سگهون ٿا، اختلاف ختم ڪري اسان فتنه سازي ۽ سازشن کي دفن ڪري هڪ قوم وانگر اڳتي وڌون ته جنهن سفر ۾ اسان تمام گهڻو پٺتي رهجي ويا آهيون ته ان قوم کي عظيم بڻائڻ جي لاءِ جنهن قدر قربانيون گهربل هونديون اه?? ڏينداسين، پاڪستان کي بلندين تي وٺي وڃڻ جو سفر مشڪل ضرور آهي پر ناممڪن نه آهي. مارگلا ايونيو جي ??فتتاحي تقريب ۾ سي ڊي اي چيئرمين نورالامين مينگل ان منصوبي جي ??والي سان بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته مارگلا ايونيو جاڙن شهرن جي لاءِ آهي، اه?? منصوبو سي ڊي اي ۽ اين ايڇ اي جو گڏيل آ??ي، هن وقت سي ڊي اي 100 ارب رپين جي ??نفراسٽرڪچر ۽ نئين سيڪٽرن جي ڊيولپمينٽ جي منصوبن تي عمل ڪري رهي آهي جڏهن ته پهريون ڀيرو 20 ارب رپين جي ڳوٺاڻي علائقن جو ترقياتي پئيڪج پڻ ان ۾ شامل آ??ي. وزيراعظم ان موقعي تي سڪندر اعظم روڊ جي نئين سر تعمير ۽ توسيع جي منصوبي جو پيڙهه جو پٿر رکيو.