اسلام آباد – 21 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ??ال??ي مالياتي ڍانچي جا سڌارا ڊگهي عرصي کان هڪ اهم مطالبو رهيو آهي، ان نظام کي نمائنده ۽ برابر بڻائڻ جي لاءِ ان تي نظرثاني جي ضرورت آهي، فرانس جي دوري دوران انسانيت کي درپيش موجوده چئلينجن کي م??هن ڏيڻ جي لاءِ ??ال??ي مالياتي ادارن جي نئين سر تنظيم سازي جي ضرورت تي پاڪستان جو موقف رکندس. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ??ال??ي مالياتي ڍانچي جا سڌارا ڊگهي عرصي کان هڪ مطالبو رهيو آهي جيڪو عوامي پاليسين جي ماهرن، پاليسي پريڪٽيشنرز ۽ ??ال??ي ا??واڻن پاران مختلف فورمن تي ڪيو ويو آهي. هن چيو ته موسمياتي تبديلي، قدرتي آفتن، ماحوليات، قرضن جي وڌندڙ سطح ۽ توانائي جي م??تقلي جهڙن چئلينجن جي سنگين نوعيت خطري جي گهنٽي وڄائي ڇڏي آهي. مسئلن جي ??ال??گيريت ??ال??ي مالياتي نظام کي نمائنده ۽ برابر بڻائڻ جي لاءِ ان تي نظرثاني ڪرڻ جي لاءِ تخليقي م??قف جي ضرورت کي جنم ڏنو آهي. وزيراعظم چيو ته هي اها جڳهه آهي جتي فرانس ۾ نيو گلوبل فنانسنگ پيڪٽ سمٽ دنيا جي لاءِ هڪ منفرد موقعي جي نمائندگي ڪري ٿو ته اهي گڏ ٿين ۽ ??ال??ي مالياتي نظام ??ي ٺوس سڌارن جي لاءِ گهربل وسيع اصولن ۽ قدمن تي متفق ٿين. وزيراعظم چيو ته فرانس جي دوري دوران آئون انسانيت کي درپيش موجوده چئلينجن کي م??هن ڏيڻ جي لاءِ ??ال??ي مالياتي ادارن جي نئين سر تنظيم سازي جي ضرورت تي پاڪستان جو موقف پيش ڪندس. جي – 77 پلس چائنا گرونگ ۾ هڪ اهم ڌر جي طور تي ۽ موسمياتي تبديلي جي خطري کان بري طرح متا??ر ٿيندڙ ملڪ جي طور تي پاڪستان ان ڪردار جي لاءِ بهتر پوزيشن ۾ آهي.