اسلام آباد – 14 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته دشمن کان به پنهنجي بي مثال شجاعت ۽ به??دري جو اعتراف ڪرائيندڙ قوم جي هيرو ڪيپٽن ڪرنل شير خان شهيد جي نالي سان منسوب ايوينيو جو افتتاح ڪري وزيراعظم شهباز شريف شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته 9 مئي سانحي کانپوءِ اهو قوم پاران پنهنجي شهيدن ۽ غازين کي سلام ۽ شهي??ن جي يادگارن جي بي حرمتي ڪن??ڙن کي پيغام آهي ته اسان پنهنجي شهي??ن جي عزت ۽ تڪريم ڪريون ٿا.