اسلام آباد-01 آگسٽ (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير ??عد??ياتي منصوبن کي عوام جي ترقيءَ جو رستو قرار ڏيندي چيو آهي ته اها اسان جي معاشرتي ذميواري آهي ته اسان گڏجي ملڪي معيشت ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪريون. اسان جي ملڪ ۾ موجود کاڻين جا وسيع موقعا آهن جيڪي گڏيل ڪاوشن سان عمل ۾ آندا ويندا. اهڙو اظهار هن پاڪستان منرل سمٽ کي خطاب ڪندي ڪيو. آر??ي چيف چيو ته حڪومتِ پاڪستان سڀني ادارن سان گڏجي ايس آءِ ايف سي جي قيام کي يقيني بنايو، تازو ئي قائم ڪيل اسپيشل انويسٽمينٽ ??يسيلٽي ٽيشن ڪائونسل جو قيام سڀني شراڪتدارن کي هڪ پليٽ فارم تي آڻي ٿو. هن چيو ته ٿورو پنهنجي ملڪ تي نظر وِجهون، برف سان ڍڪيل جبلن کان ريگستان تائين، سامونڊي پٽيءَ کان ميداني علائقن تائين ان سرزمين ۾ ڇا ڪجهه ناهي، امن ۽ خوشحاليءَ جي رستي تي گامزن رهڻ ئي استقامت ۾ آهي. سورة رحمان ۾ الله تعاليٰ فرمايو آهي ته توهان پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين رحمتن کي جٽلائيندا، جيڪڏهن اسان جو هي گڏيل عزم رهيو ته پوءِ آسمان جون بلنديون اسان جي حد ۽ ان جون و??عت??ن اسان جون منتظر آهن. آر??ي چيف قرآن پاڪ جو حوالو ڏئي واضح ڪيو ته الله تعاليٰ انهن جي مدد ڪندو آهي جيڪي پنهنجي پاڻ مدد ڪندا آهن. آر??ي چيف بريڪ گولڊ جي سي اي او ۽ پريزيڊنٽ ??ارڪ بريسٽو ۽ سعودي مائينگ منسٽر انجنيئر خالد بن صالح المديفر ۽ ٻين سيڙپڪارن جو شڪريو ادا ڪيو. آر??ي چيف چيو ته اها اسان جي معاشرتي ذميواري آهي ته اسان گڏجي ملڪي معيشت ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪريون، اسان کي ڪڏهن به اميد جو ساٿ نه ڇڏڻ گهرجي. اسان جي سرزمين ڪيتري ئي ??عد??يات سان ڀريل آهي ۽ ان صلاحيت کي مڪمل طريقي سان استعمال ۾ آڻڻ لاءِ اسان پرڏيهي سيڙپڪارن کي دعوت ڏيون ٿا ته پاڪستان ۾ لڪيل خزانن جي دريافت ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته پاڪستان جي پهرين منرل سمٽ پاڪستان ۾ ملڪي ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن لاءِ آسان ڪاروبار جا نوان اصول واضح ڪري ٿي. اسان اهڙي سيڙپڪار دوست نظام کي يقيني بنائنينداسين جنهن ۾ آسان شرطن ۽ غير ضروري التوا کان بچي سگهجي. آر??ي چيف اميد جي دامن کي پڪڙي رکڻ ۽ الله تعاليٰ تي يقين ۽ ايمان رکڻ تي زور ڀريو ۽ قرآن پاڪ جي سورة بقره جي آيت 155 ۽ 156 جي تلاوت ڪئي جنهن جو ترجمو آهي: ۽ اسان ضرور توهان کي خوف ۽ بک ۽ جان ۽ مال جي ثمرن سان آزمائينداسين. ان تي جڏهن ڪا مصيبت اچي ٿي ته چون ٿا؛ بي شڪ اسان الله تعاليٰ طرفان آهيون ۽ اسان کي ان جي ئي طرف واپس وڃڻو آهي.