اسلام آباد – 14 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي يونائيٽيڊ ان??ور??س ڪمپني کي صارف کي 45 لک رپيا 8 سالن جي منافعي سان گڏ ادا ڪرڻ جو حڪم ڏيندي وفاقي ان??ور??س محتسب جي فيصلي جي خلاف يونائيٽيڊ ان??ور??س ڪمپني آف پاڪستان پرائيويٽ لميٽيڊ جي اپيل رد ڪري ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان ??وج?? صدر فيصلي ۾ چيو ته ڪمپني معاملو 8 سالن تائين لٽڪائي رکيو ۽ شهري جي ان??ور??س جي رقم تي منافعو ڪمايو، ان??ور??س ڪمپني شهري کي 45 لک ڪليم جي رقم سان گڏ 8 سالن جو منافعو پڻ ادا ڪري. تفصيل ??وج?? ڪراچي جي شهري امتياز احمد پنهنجي گاڏي جي لاءِ 45 لک رپين جي ان??ور??س پاليسي ورتي، شهري گاڏي کسجي وڃڻ تي ان??ور??س ڪمپني کان 45 لک جي رقم ادا ڪرڻ جو چيو، ڪمپني امتياز احمد پاران گاڏي جي قيمت وڌيڪ ٻڌائڻ جو بهانو بڻائي ان??ور??س ڪليم ادا ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. شهري انصاف جي لاءِ وفاقي ان??ور??س محتسب سان رجوع ڪيو جنهن شهري جي حق ۾ فيصلو ڏنو. ان??ور??س محتسب جي فيصلي جي خلاف ان??ور??س ڪمپني صدر کي اپيل ڪئي. صدر ان??ور??س ڪمپني جي اپيل کي رد ڪندي ڪليم ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو. صدر چيو ته ان??ور??س ڪمپني گاڏي جو پريميم شهري کان 45 لک رپين جي حساب سان وصول ڪيو.