نيويارڪ – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78 هين اجلاس جي موقعي تي گڏيل عرب امارات جي پرڏيهي وزير شيخ عبدالله بن زيد النهيان سان ملاقات ڪئي. گڏيل قومن ۾ پاڪستاني مشن موجب نيويارڪ ۾ ٻن??ي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ جي ع??م جو ورجاءُ ڪيو. هنن مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبو?? بڻائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. ملاقات دوران گڏيل عرب امارات جي پاڪستان ۾ سيڙپڪ??ري جي مختلف منصوبن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.