لنڊن – 25 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين تي زور ڏنو آهي ته اهي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان ناليواري برطانوي پاڪستاني واپارين جي وفد پاڪستان هائوس ۾ ملاقات ڪئي. نگران وزيراعظم نگران حڪومت پاران ڪيل سڌارن جي نتيجي ۾ مثبت معاشي اشارن کي اجاگر ڪيو ??ن ۾ پاڪستاني رپي?? مستحڪم ڪرڻ، مهانگائي ۾ گهٽتائي ۽ متوقع اقتصادي ترقي کي ??ضبوط ڪرڻ پڻ شامل آهي. هن وڌيڪ چيو ??ه درآمدي پابندين جي خاتمي ۽ ڪاروباري برادري جو اعتمادل بحال ڪرڻ جي ڪوششن سان ٻاهرئين کاتن کي ??ڌيڪ فروغ ڏيڻ جي اميد هئي. نگران وزيراعظم پاڪستان جي سيڙپڪار دوست سوچ، مراعتن ۽ ڪاروبار ۾ آساني ۾ سڌارن جو ذڪر ڪيو. هن چيو ??ه ون ونڊو پليٽ فارم جي ذريعي اهم شعبن ۾ سيڙپڪاري جي راهه هموار ڪرڻ جي لاءِ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) متعارف ڪرائي جنهن جي صدارت هو پاڻ ڪري ٿو، انهن قدمن جو مقصد ڪاروبار ڪرڻ ۾ آساني کي ??ڌائڻ، رڪاوٽن ??ي ختم ڪرڻ ۽ ڊگهي مدي واري سيڙپڪاري جو روڊ ميپ ٺاهڻ آهي. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ خساري ۾ هلندڙ سرڪاري ادارن جي نجڪاري جي لاءِ حڪومت جي عزم جو پڻ اظهار ڪيو. هن ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين تي زور ڏنو ته اهي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻن. هن ٻاهرئين ملڪ رهندڙ واپارين کي ??اڪستان جي معاشي بحالي ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ خاص طور تي خصوصي اقتصادي زونز ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جي دعوت پڻ ڏني. برطانوي پاڪستاني ڪاروباري اڳواڻن نگران وزيراعظم کي ??اهرئين ملڪ رهندڙن تائين پهچ تي کيس ساراهيو ۽ ملڪ ۾ پنهنجي سيڙپڪاري کي ??ڌائڻ جي لاءِ سرگرمي سان ڪوشش ڪندي پاڪستان ۾ پنهنجي ڪاروباري آپريشنز کي ??ڌائڻ ۾ پنهنجي ڀرپور دلچسپي جو اظهار ڪيو. هنن اميد ظاهر ڪئي ته حڪومت پاران ڪيل سڌارا ڊگهي مدي تائين جاري رهندا ۽ انهن نگران وزيراعظم کي ??اڪستان کي ترقي جي راهه تي واپس آڻڻ جي لاءِ پنهنجي تعاون جو يقين ڏياريو.