اسلام آباد – 02 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگ??ان پرڏ??هي وزير جليل عباس جيلاني چين جي پرڏ??هي وزير وانگ يي جي خصوصي دعوت تي 4 کان 5 آڪٽوبر تائين تبت جي خودمختيار علائقي نينگچي ۾ منعقد ٿيندڙ ٽئ??ن عالمي تعاون بابت ٽرانس هماليه فورم ۾ شرڪت جي لاءِ چين جو دورو ڪري رهيو آهي. پرڏ??هي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ٽرانس هماليه فو??م جي شروعات 2018ع ۾ علائقائي ملڪن جي وچ ۾ جاگرافيائي رابطي، ماحولياتي تحفظ ۽ ثقافتي رابطن کي وڌائڻ سميت مختلف موضوعن تي عملي تعاون کي گهرو ڪرڻ جي لاءِ ڪئي وئي هئي. فو??م جو آخري اجلاس 2019ع ۾ ٿيو هو. هن سال جي فو??م جو ٿيم ”ماحوليايت تهذيب ۽ ماحولياتي تحفظ“ آهي. نگ??ان پرڏ??هي وزير جليل عباس جيلاني تبت ۾ پنهنجي قيام دوران ٽرانس هماليه جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندو. هو منگوليا جي نائب وزيراعظم، چين جي پرڏ??هي وزير ۽ افغانستان جي عبوري پرڏ??هي وزير سميت ڪيترين ئي علائقائي شخصيتن سان پ?? ملاقاتون ڪندو.