اسلام آباد – 06 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران و??اقي وزير مرتضيٰ سولنگي خيبر ضلعي جي علائقي تيراهه ۾ دهشتگردن سان مقابلي ۾ ليفٽيننٽ ??رن?? ۽ 3 فوجي جوانن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي حفاظت جي لاءِ ج??ن قربان ڪندڙ پاڪ فوج جا جو??ن قوم جا هيرو آهن، شهيدن پنهنجي رت سان بهادري ۽ جرئت جي بي مثال تاريخ لکي آهي، پوري قوم پاڪ فوج جي شهيدن کي سلام پيش ڪري ٿي. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري نگران و??اقي وزير دهشتگردن سان مقابلي ۾ شهيد ٿيندڙ ليفٽيننٽ ??رن?? محمد حسن حيدر، نائيڪ خوش دل خان، نائيڪ رفيق خان ۽ لانس نائيڪ عبدالقادر جي درجن جي بلندي جي لاءِ دعا ڪئي ۽ گهرڀاتين سان همدرديءَ جو اظهار ڪيو. اطلاعات واري نگران و??اقي وزير چيو ته پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ جوانن دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ هر پهرين دستي جو ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته ملڪ مان دهشتگردي جو مڪمل خاتمو آڻي سک جو ساهه کڻنداسين، دشمن جا ناپاڪ ارادا ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، پوري قوم پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهي.