اسلام آباد – 14 – نومبر (اي پي پي) نگران و??يراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ملڪ ۾ اعليٰ تعليم کي موجوده دور جي گهرجن ۽ معيشت جي ضرورتن سان هم آهنگ ڪرڻ ۽ فني ۽ سائنسي مضمونن ۾ وظيفا متعارف ڪرائڻ، ٻاهرئين ملڪ تربيت هيٺ پاڪستاني شاگردن کي وظيفن جي فراهمي ۾ ايندڙ رڪاوٽون ختم ڪرڻ، تحقيق جي لاءِ فنڊز فراهمي جي لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ ۽ تربيت يافته افرادي قوت خاص طور تي نرسنگ جي شعبي ۾ تربيتي صلاحيت وڌائڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران و??يراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت هيٺ هايئر ايجوڪيشن ڪميشن جي حوالي سان اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ نگران و??يراعظم کي پاڪستان ۾ اعليٰ تعليم جي صورتحال، شاگردن جي لاءِ وظيفن، ملڪ جي يونيورسٽين جي صورتحال ۽ ٻين معاملن جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ نگران و??يراعظم ملڪي تعليمي شعبي جي موجوده انگن اکرن بابت ٻڌايو ويو. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته پاڪستان ۾ هن وقت هايئر ايجوڪيشن ڪميشن جا تسليم ٿيل 259 اعليٰ تعليمي ادارا آهن. اجلاس ۾ اهو به ٻڌايو ويو ته گذريل سالن ۾ پاڪستان ۾ عالمي معيار جي يونيورسٽين جي انگ ۾ اضافو ٿيو آهي. اجلاس ۾ ملڪ جي تعليمي شعبي ۾ پليجرزم جي خاتمي لاءِ جوڙيل حڪمت عملي جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته هايئر ايجوڪيشن ڪميشن قائم ٿيڻ کان وٺي هيستائين پي ايڇ ڊي جا 20 هزار ??ان وڌيڪ وظيفا فراهم ڪيا ويا آهن. نگران و??يراعظم کي اجلاس ۾ قومي ۽ عالمي وظيفن جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. نگران و??يراعظم ملڪ ۾ عالمي مارڪيٽ جي گهرجن موجب فني ۽ سائنسي مضمونن ۾ وظيفن جي ترويج جي هدايت ڪئي. نگران و??يراعظم لاڳاپيل عملدارن کي سرڪاري وظيفن جي ذريعي ايندڙ نتيجن جي حوالي سان هڪ ٺوس رپورٽ پيش ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. نگران و??يراعظم ٻاهرئين ملڪ تربيت هيٺ پاڪستاني شاگردن جي وظيفن جي رقم جاري ڪرڻ ۾ ايندڙ رڪاوٽن جي خاتمي جي هدايت ڪئي. نگران و??يراعظم چيو ته پاڪستان جي انساني ۽ فني وسيلن جي ترقي لاءِ اسان کي ملڪ ۾ سائنس ۽ انجنيئرنگ جهڙن مضمونن ۾ وظيفن کي فروغ ڏيڻو پوندو. نگران و??يراعظم کي اڪيڊميز ۽ ملڪي صنعت جي وچ ۾ حصيداري جي لاءِ جوڙيل حڪمت عملي تي بريفنگ ڏني وئي. نگران و??يراعظم لاڳاپيل عملدارن کي آءِ ٽي ۽ فارماسيوٽيڪل انڊسٽري کان تحقيق جي فنڊنگ ڪرائڻ جي حڪمت عملي جوڙڻ جي پڻ هدايت ڪئي. نگران و??يراعظم صوبن ۾ تعليمي شعبي جا مالي مسئلا حل ڪرڻ جي حوالي سان سمورن صوبائي عملدارن جو اجلاس منعقد ڪرائڻ جي هدايت ڪئي. نگران و??يراعظم چيو ته ملڪ جي ترقي جي لاءِ عوام ۾ عالمي معيار جي تعليم مهيا ڪرڻ لازمي آهي. نگران و??يراعظم لاڳاپيل عملدارن کي ملڪ ۾ هنرمند افرادي قوت خاص طور تي نرسن جي لاءِ تربيتي پروگرام جوڙڻ جي پڻ هدايت ڪئي. نگران و??يراعظم چيو ته اسان جي افرادي قوت اسان جو تمام وڏو اثاثو آهي ۽ تربيت يافته افرادي قوت جي ذريعي اسان عالمي مارڪيٽ ۾ پنهنجي جڳهه ٺاهي سگهون ٿا. اجلاس ۾ نگران و??يراعظم کي آءِ ٽي جي شعبي ۾ هايئر ايجوڪيشن ڪميشن پاران کنيل قدمن بابت آگاهه ڪيو ويو. انهن قدمن ۾ لاهور ۽ ڪراچي ۾ جديد ڊيٽا سينٽر قائم ڪرڻ، جديد ترين سپر ڪمپيوٽرز جو استعمال ۽ ٻيا پروگرام سرفهرست آهن. اجلاس ۾ تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت وارو نگران وفاقي وزير، هايئر ايجوڪيشن ڪميشن جو چيئرمين، سيڪريٽري ايجوڪيشن ۽ ٻيا اعليٰ آفيسر شريڪ هئا.