اسلام آباد – 10 – جنوري (اي پي پي) وفاقي ٽيڪس محتسب (ايف ٽي او) سال 2023ع دوران ٽيڪس ۽ ڪسٽم عملدارن جي بدانتظامي جي خلاف 8128 ??ڪايتن جو ازالو ڪيو آهي جڏهن ته 2022ع ۾ شڪايتن جو انگ 6106 هو، ايف ٽي او 2022ع ۾ 7 ارب رپين جي ڀيٽ ۾ 2023ع ۾ ٽيڪس ڏيندڙن کي 17.74 بلين رپين جو ريليف ف??اه?? ڪيو آهي. اها ڳالهه صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي بريفنگ دوران ٻڌائي وئي جنهن اسلام آباد ۾ ايف ٽي او آفيس جو دورو ڪيو. وفاقي ٽيڪس محتسب (ايف ٽي او) ڊاڪٽر آصف محمود جاهه، ايف ٽي او جي صلاحڪارن، علائقائي سرب??اه?? ۽ ايف ٽي او جي سينيئر عملدارن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب وفاقي ٽيڪس محتسب ڊاڪٽر آصف محمود جاهه صدر کي ايف ٽي او جي مجموعي ڪارڪردگي، آئوٽ ريچ ۽ ٽيڪس ڏيندڙن جي سهولت جي لاءِ کنيل قدمن بابت ٻڌايو. هن ٻڌايو ته ايف ٽي او 60 ڏينهن جي اندر ٽيڪس عملدارن جي بدانتظامي جي خلاف شڪايت ڪندڙن کي مفت انصاف ف??اه?? ڪري ٿو. هن وڌيڪ چيو ته 2023ع دوران شڪايتن جي ازالي جي لاءِ سراسري وقت کي گهٽ ڪري 44 ڏينهن ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ايف ٽي او هڪ عوامي ريليف تي ٻڌل ادارو آهي جنهن پنهنجي فيصلن جي ذريعي گهٽ پگهار وارن ملازمن، استادن، پگهاردار طبقي، پينشنرز ۽ گاڏين جي خريدارن کي ٽيڪس ۾ ريليف ف??اه?? ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ايف ٽي او ملڪ جي مختلف شهرن ۾ نيون آفيسون کولڻ، هيلپ لائين ق??ئم ڪرڻ ۽ سيمينارز ۽ ڪاروباري برادري سان ڳالهه ٻولهه جي ذريعي آگاهي ڦهلائي پنهنجي پهچ ۽ ڪيسن جي داخلا کي وڌائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. هن ٻڌايو ته ايف ٽي او سوشل ميڊيا ۽ سيلولر ڪمپنين جي ذريعي وڏي پئماني تي پيغام پهچائڻ جو استعمال ڪندي ٽيڪس جي معاملن ۾ پنهنجي ڪردار ۽ خدمتن بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جي لاءِ پڻ سرگرم عمل آهي. ان موقعي تي خطاب ڪندي صدر چيو ته ايف ٽي او کي ٽيڪس ڏيندڙن تائين پنهنجي پهچ وڌائڻ کانسواءِ شڪايتن جي داخلا ۽ انهن کي اڪلائڻ جي لاءِ پنهنجي ڪوششن کي وڌيڪ تيز ڪرڻ گهرجي. هن ايف ٽي او۽ ايف بي آر جي وچ ۾ پنهنجي فيصلن تي وقت سر عملدرآمد ۽ ٽيڪس نظام ۾ بهتري آڻڻ جي لاءِ تعاون وڌائڻ تي پ?? زور ڏنو. هن چيو ته پاڪستان ۾ ٽيڪس ۽ روينيو جنريشن کي وڌائڻ جي لاءِ بهتر ٽيڪس نظام لازمي آهي جنهن سان اسان جي معيشت کي بهتر بڻائڻ سان گڏوگڏ قرضن تي ملڪ جو دارومدار گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي. صدر ايف ٽي او جي ڪارڪردگي کي سا??اه??و جنهن شڪايت ڪندڙن کي 17.74 بلين رپين جو ريليف ف??اه?? ڪرڻ کانسواءِ گذريل سال 8128 ??ڪايتن جو ازالو ڪيو. هن شڪايت ڪندڙن خاص طور تي ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي وقت سر ريليف ف??اه?? ڪرڻ جي ضرورت تي پ?? زور ڏنو.