اسلام آباد – 19 – جنوري (اي پي پي) قومي سلامتي ڪميٽي ان پُختي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي ته پاڪستان جي خودمختياري ۽ علائقا??ي سالميت قطعي طور تي فتح نه ٿيڻ جوڳي ۽ مقدس آهي ۽ ڪنهن به پاران ڪنهن به بهاني ان کي مجروح ڪرڻ جي ڪوشش جو رياست پاران پوري ??اقت سان جواب ڏنو ويندو، پاڪستان ۽ ايران جي ??چ ۾ موجوده ڪيترن ئي مواصلاتي ذريعن کي علائقائي امن ۽ استحڪام جي ??سيع تر مفاد ۾ هڪ ٻئي جي سيڪيورٽي خدشن کي ختم ڪرڻ جي ??اءِ گڏيل طور تي استعمال ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ پاران جاري ??يان موجب قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ ٿيو جنهن ۾ قومي سلامتي ج?? معاملن تي غور ڪيو ويو. فورم صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو ۽ پاڪستان جي خودمختياري ??ي اشتعال انگيز ۽ غيرقانوني خلاف ورزي جي جواب ۾ پاڪ فوج جي ??يشيواراڻي، متعين ۽ متناسب ردعمل کي ساراهيو. اجلاس دوران شرڪت ڪندڙن کي پاڪستان ۽ ايران جي ??چ ۾ موجوده صورتحال ۽ خطي ۾ مجموعي سيڪيورٽي صورتحال تي ان جي اثرن جي حوالي سان سياسي ۽ سفارتي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو. فورم ”آپريشن مرگ بر سرمچار“ جو پڻ جائزو ورتو جنهن کي ايران جي اندر حڪومتي عملداري کان ٻاهر جاين تي رهندڙ پاڪستاني ڄاون بلوچ دهشتگردن جي خلاف ڪاميابي سان سرانجام ڏنو ويو. سرحدن جي تازه ترين صورتحال ۽ قومي خودمختياري جي ??ڌيڪ خلاف ورزي جو ٺوس جواب ڏيڻ جي ??اءِ ضروري مڪمل تيارين بابت پن غور ڪيو ويو. فورم ان اڻٿڪ عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان جي خودمختياري ۽ علائقا??ي سالميت قطعي طور تي فتح نه ٿيڻ جوڳي ۽ مقدس آهي ۽ ڪنهن به پاران ڪنهن به بهاني ان کي مجروح ڪرڻ جي ڪوشش جو رياست پاران پوري ??اقت سان جواب ڏنو ويندو. اجلاس ۾ ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ويو ته پاڪستاني عوام جي سالامتي ۽ تحفظ انتهائي اهميت رکندڙ آهي ۽ ان کي يقيني بڻائڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏ?? ويندي. فورم ان ڳالهه جو اظهار ڪيو ته ايران هڪ پاڙيسري ۽ ڀائر مسلمان ملڪ هجڻ جي ??اطي ٻنهي ملڪن جي ??چ ۾ موجوده ڪيترن ئي مواصلاتي ذريعن کي علائقائي امن ۽ استحڪام جي ??سيع تر مفاد ۾ هڪ ٻئي جي سيڪيورٽي خدشن کي ختم ڪرڻ جي ??اءِ گڏيل طور تي استعمال ڪرڻ گهرجي. اجلاس گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي اصولن موجب سمورن ملڪن جي خودمختياري ۽ علائقا??ي سالميت جي ??اءِ پاڪستان جي عزم جو اظهار ڪيو. ڪميٽي ان عزم جو ورجاءُ پڻ ڪيو ته هر قسم جي دهشتگردي کي هٿي سان منهن ڏنو ويندو. فورم ان ڳالهه کي پڻ اجاگر ڪيو ته پاڪستان کي دهشتگردي جي ان لعنت سان ڪنهن به ٻئي ملڪ کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ نقصان پهتو آهي. اجلاس ۾ ان عزم جو پڻ ورجاءُ ڪيو ويو ته سـٺي پاڙيسريت جي ??اڳاپن جي عالمي اصولن موجب ٻئي ملڪ گڏيل طور تي ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري ??ي ذريع?? معمولي مسئلن تي ضابطو آڻي سگهندا ۽ پنهنجي تاريخي لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي راهه هموار ڪندا. اجلاس ۾ دفاع واري نگران وفاقي وزير، پرڏيه?? معاملن واري نگران وفاقي وزير، ناڻي ۽ اطلاعات وارن نگران وفاقي وزيرن، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي، چيف آف آرمي اسٽاف، چيف آف نيول اسٽاف ۽ چيف آف ايئر اسٽاف کانسواءِ انٽيلي جنس ايجنسين جي سربراهن شرڪت ڪئي.