اسلام آباد – 13 – مارچ (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته وفاقي حڪومت چئني صوبن بشمول خيبرپختونخواهه سان ??م آهنگي سان ڪم ڪرڻ ۽ رابطا مضبوط بڻائڻ تي يقين رکي ٿي، چار ئي صوبا گڏجي هلندا ته ملڪ ترقي ڪندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين ??نڊاپور سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيرا??ظم شهباز شريف وزيرا??ظم هائوس اچڻ تي خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير جي آجيان ڪندي چيو ته چار ئي صوبا وفاق جون اڪائيون آهن، چار ئي صوبا گڏجي هلندا ته ملڪ ترقي ڪندو. خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين ??نڊاپور وزيرا??ظم کي خيبرپختونخواهه صوبي جي انتظامي معاملن تي تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو. وزيرا??ظم چيو ته ملڪ جي معاشي صورتحال کي نظر ۾ رکندي خيبرپختونخواهه جا سمورا جائز مطالبا پورا ڪيا ويندا. هن چيو ته اسان کي گڏجي ويهي سمورن مسئلن جو حل ڪڍڻو پوندو، اسان جي سمورين ??ڏيل ڪوششن ۾ عوامي ڀلائي اولين ترجيح هوندي. وزيرا??ظم چيو ته وفاقي حڪومت چئني صوبن بشمول خيبرپختونخواهه سان ??م آهنگي سان ڪم ڪرڻ ۽ رابطا مضبوط بڻائڻ تي يقين رکي ٿي. خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير پڻ ا?? عزم جو اظهار ڪيو ته خيبرپختونخواهه جي حڪومت سٺي نيت سان اڳتي وڌڻ چاهي ٿي ۽ ملڪي ترقي ۾ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. ان موقعي تي پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، منصوبابندي ۽ ترقي وارو وفاقي وزير احسن اقبال ۽ رياستي ۽ سرحدي معاملن واري وفاقي وزير امير مقام ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسر پڻ موجود هئا.