اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي شريڪ چيئرمين ۽ صدارتي اميدوار آصف علي زرداري چيو آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ريفرنس جي فيصلي مان ثابت ٿيو ته سندس عدالت?? قتل ٿيو، شهباز شريف جي پٺيان بيٺل هونداسين ۽ هر مشڪل ۾ ساڻس گڏ هونداسين، ساڻس ڀرپور تعاون ڪنداسين. وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران پارليامينٽ جي چونڊيل ميمبرن کي ڏنل آ??يا??ي کي خطاب ڪندي صدارتي اميدوار آصف علي زرداري چيو ته ملڪ کي مشڪل چئلينجز درپيش آهن جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز شريف مشڪل چئلينجز کي منهن ڏيندو، اسان ان جي پٺيان بيٺل هونداسين، هر مشڪل ۾ ان سان گڏ بيٺل هونداسين ۽ ان سان تعاون ڪنداسين، اسان انَ پوکي سگهون ٿا، زراعت اهم شعبو آهي، ان کي ٺيڪ ڪريون، آبپاشي نظام کي بهتر بڻايون، ڊيم ٺاهيون، چين جي تجربن مان فائدو کڻون، بلوچستان ۾ پاڻي فراهم ڪري ??هتري ??ڻي سگهجي ٿي، اسان سڀ گڏجي محنت ۽ ڪم ڪنداسين، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ريفرنس جي فيصلي مان ثابت ٿيو ته ان جو عدالت?? قتل ٿيو، پاڪستان کي ائين ٺاهينداسين جنهن تي اسان سڀني کي فخر هجي.