بيجنگ – 07 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان جي ??قتصادي ترقي ۾ سي پيڪ جي ??هم ڪردار کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته سي پيڪ جي ٻئي مرحلي تحت پائيدار ترقي، خصوصي اقتصادي زونز، صنعتن، آءِ ٽي، کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات، زراعت ۽ متبادل توانائي جي ??عبن ۾ تعاون کي ترجيح ڏني ويندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ??وج?? وزيراعظم محمد شهباز شريف چين جي نيشنل پيپلز ڪانگريس جي ??سٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين زائو ليجي ??ان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران وزيراعظم چيئرمين زائو ليجي کي چين?? سياست ۽ معاشري جي لاءِ سندس خدمتن تي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو ۽ نيشنل پيپلز ڪانگريس جي ??الياني اجلاس جي ڪامياب انعقاد تي کيس مبارڪباد ڏني. وزيراعظم چيو ته ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا (سي پ?? سي) ۽ نيشنل پيپلز ڪانگريس (اين پ?? سي) ۾ هڪ اهم عهدي زائو ليجي ??ي چيني قيادت ۽ عوام پاران مٿس ڪيل اعتماد کي ظاهر ڪري ٿو. هن وڌيڪ چيو ته چين سان مضبوط لاڳاپا پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو بنياد آهي. هن چيو ت?? ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ منفرد ۽ خصوصي لاڳاپا اسٽريٽجڪ اعتماد، گڏيل نظرين ۽ عملي تعاون تي ٻڌل آهن. پاڪستان جي ??قتصادي ترقي ۾ چين پاڪستان اقتصادي لنگهه جي ??هم ڪردار کي اجاگر ڪندي وزيراعظم چيو ته سي پيڪ جي ٻئي مرحلي تحت پائيدار ترقي، خصوصي اقتصادي زونز، صنعتن، آءِ ٽي، کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات، زراعت ۽ متبادل توانائي جي ??عبن ۾ تعاون کي ترجيح ڏني ويندي. چيئرمين زائو ليجي چيو ته صدر شي جن پنگ جي ??هنمائي تحت چين پاڪستان سان پائيدار حصيداري کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. ٻنهي ڌرين هڪ ٻئي جي ??نيادي مفادن جي ??مايت جو ورجاءُ ڪيو. هن اعليٰ سطح جي مٽاسٽا ۾ مثبت رفتار جو ذڪر ڪيو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گهري دوستي کي وڌيڪ مضبوط ۽ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ ان رفتار کي برقرار رکڻ جي ??رورت تي زور ڏنو. ٻنهي اڳواڻن نيشنل پيپلز ڪانگريس ۽ پاڪستان جي پارليامينٽ جي وچ ۾ رابطن ۽ تعاون کي فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم پارلياماني مٽاسٽا کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ڪيترائي قدم تجويز ڪيا جن ۾ چين پاڪستان فرينڊشپ گروپس جي وچ ۾ رابطن کي وڌائڻ ۽ نوجوان پارليامينٽرينز جي وفدن جي مٽاسٽا شامل آهي. هن سي پيڪ تحت سياسي پارٽين جي گڏيل مشاورتي طريقيڪار جو اڳيون دور منقعد ڪرڻ جي ??رورت تي زور ڏنو. چيئرمين زائو ليجي وزيراعظم کي 26 – 2025ع جي مدي لاءِ گڏيل قومن جي ??لامتي ڪائونسل جي ??يرمستقل ميمبر جي ??ور تي چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني. ٻنهي اڳواڻن اتفاق ڪيو ته ان سان ٻنهي ملڪن کي امن ۽ آشتي تي گڏجي ڪم ڪرڻ ۽ ان حوالي سان قانون ۽ گهڻ رخي کي فروغ ڏيڻ جو موقعو ملندو.